ڪراچي(م ڊ)بزنيس مين گروپ جي چيئرمين زبير موتي والا، ڪراچي چيمبر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري جي صدر محمد طارق يوسف ۽ ٻين عهديدارن پنهنجي گڏيل بيان ۾ چيو آهي ته بجلي جي اگهن ۾ واڌ ناقابل برداشت آهي عام ماڻهوءَ سان گڏو گڏ صنعت ۽ واپار به آهي.هن وڌيڪ چيو ته حڪومت ملڪ ۽ معيشت جي وسيع تر مفاد ۾ بجلي جي اگهن ۾ واڌ کي واپس وٺي.ڪراچي چيمبر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري سمورن واپارين ۽ صنعتن جي تنظيمن ۽ ٻين اسٽيڪ هولڊرز جو اجلاس سومر 28 آگسٽ تي طلب ڪري ورتو آهي، جنهن ۾ بجلي جي اگهن واري معاملي تي مستقبل جو لائحه عمل جوڙيو وڃي.هن چيو ته جيڪڏهن وزيراعظم جي سڏايل اجلاس ۾ پريشان عوام ۽ واپاري برادري کي ڪو به رليف نه ڏنو ويو ته پوءِ اسان پنهنجي ايڪشن پلان جو اعلان ڪنداسين.