بجلي چوري روڪي قيمتون گهٽايون وڃن: اياز لطيف

حيدرآباد (پ ر) قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجي گهرو صارفين جي بجلي بلن تي 40 سيڪڙو ٽيڪس ۽ بجلي جي روزانو  وڌندڙ قيمتن کي رد ڪندي چيو آھي  ته بجلي ھر ماڻھو جي بنيادي ضرورت بڻجي وئي آھي پر بجلي ورھائيندڙ ڪمپنين ۾ ڪرپٽ انتظامي آفيسر ھٿ سان بجلي چوري ڪرائين ٿا جنھن ڪري عوام ڏانھن ھڪ طرف ڳرا بل اماڻيا وڃن ٿا ته ٻئي طرف بجلي مھانگي ڪئي وڃي ٿي، اسان وٽ خراب حڪمران ۽ ڪرپٽ انتظامي نظام جي ڪري سڄو نظام درھم برھم آھي، بجلي چوري ختم ڪري بجلي ايتري سستي ڪئي وڃي جو ڪنھن کي چوري ڪرڻ جي ضرورت ئي نه پوي، بجلي چوري ۾ خود بجلي فراھم ڪندڙ ڪمپنين جا ملازم شامل آھن، بجلي بل ذريعي لڳايل سمورا ناجائز اضافي ٽيڪس ختم ڪيو وڃي، اياز لطيف پليجي چيو  ته مھانگائي عوام جي زندگي جھنم بنائي ڇڏي آھي، گئس، بجلي تمام گھڻي مھانگي آھي. زندگي بچائيندڙ دوائن جون قيمتون  پئٽرول جا اگھه بي پناھ وڌايا ويا آھن. اٽو ھاري، مزدور ۽ غير ماڻھو جو خريدکان پري ٿو ويو آھي، اياز لطيف پليجي چيو ته ڪرپٽ حڪمران کرب پتي ٿي ويا ۽ عوام غريب کان غريب ٿي ويو آھي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.