بجلي بل ڀرڻ هاڻي عام ماڻهو جي وس جي ڳالهه ناهي رهي: فردوس عاشق

لاهور(م ڊ) استحڪام پاڪستان پارٽي جي مرڪزي اطلاعات سيڪريٽري ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته بجلي جا بل ادا ڪرڻ  هاڻي عام ماڻهو جي وس جي ڳالهه ناهي.ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته بجلي جا بل ادا ڪرڻ هاڻي عام ماڻهو جي وس جي ڳالهه ناهي، هن چيو ته حڪومت عوام جا مسئلا ترجيحي بنيادن تي حل ڪري، مهانگائي ۽ بجلي جي بلن مهانگائي، مزدورن جي زندگي زهر بڻائي ڇڏي آهي، غريب عوام خوش نه آهي. بجلي جا اگهه آسمان تي آهن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.