پشاور(م ڊ)جماعت اسلامي پاڪستان جي سينيٽر مشتاق احمد خان چيو آهي ته 743 ملازم 500 ارب جي بجلي چوري ۾ ملوث آهن.پشاور مان جاري ڪيل بيان ۾ مشتاق احمد خان چيو ته گذريل 5 مهينن ۾ 500 ارب رپين جي بجلي چوري ڪئي وئي. هن چوري ۾ 10 سرڪاري ڊسڪوز جا 743 ملازم ملوث آهن. هن چيو ته انهن 743 آفيسرن مان 422 جو تعلق حيدرآباد اليڪٽرڪ سپلائي ڪمپني (حيسڪو) سان آهي.هن وڌيڪ چيو ته گذريل سال واپڊا ملازمن 8 ارب 19 ڪروڙ رپين جي مفت بجلي استعمال ڪئي. مفت بجلي ڏيڻ ظلم ۽ بدانتظامي آهي جنهن کي فوري طور بند ڪيو وڃي.هن چيو ته گريڊ 16 جي آفيسرن کي 300 يونٽ ۽ گريڊ 17 جي آفيسرن کي 450 يونٽ مفت بجلي ڏني ويندي آهي.سينيٽر مشتاق احمد چيو ته 18هين گريڊ جي آفيسرن کي 600 يونٽ ۽ 19هين گريڊ جي آفيسرن کي 880 يونٽ مفت بجلي ڏني وڃي ٿي.هن وڌيڪ چيو ته 1 هزار 110 يونٽس مفت بجلي گريڊ 20 جي آفيسرن کي ۽ 1300 يونٽ گريڊ 22 جي آفيسرن کي ڏني پئي وڃي،هن چيو ته رٽائرڊ آفيسرن کي حاضر سروس آفيسرن جي اڌ پاور يونٽ ڏنا ويندا آهن.