واپارين جي تنظيم پاران سڀاڻي ملڪ گير احتجاج جو اعلان

اسلام آباد(م ڊ) مرڪزي تنظيم تاجران پاڪستان مهانگائي، بجلي ۽ پيٽروليم شين جي اگهن ۾ واڌ خلاف 29 آگسٽ تي ملڪ گير احتجاج جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.مرڪزي تنظيم تاجران پاڪستان جي صدر محمد ڪاشف چوڌري ٻين اڳواڻن سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي 29 آگسٽ تي مهانگائي، بجلي ۽ پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ ظالماڻي واڌ خلاف ڪراچي کان خيبرپختونخواهه تائين ملڪ گير يوم احتجاج جو اعلان ڪيو. پاڪستاني قوم ۽ ڪاروباري برادري کي سخت ذهني مريض بڻائي ڇڏيو آهي.هنن چيو ته احتجاج جي باوجود جيڪڏهن حڪمرانن نوٽيس نه ورتو ته هو 2 سيپٽمبر تي ملڪ گير ڌرڻي ۽ شٽر بند هڙتال ڪندا ۽ مهانگائي جي عذاب ۾ ڦاٿل قوم کي رليف ڏيڻ لاءِ قدم کنيا وڃن.ڪاشف چوڌري چيو ته عوام جي نگراني  لاءِ آيل ماڻهن مانيٽرنگ بدران عوام تي ظلم جا پهاڙ ڪيرائي ڇڏيا آهن، هو عوام کي مهانگائي جي ڌٻڻ مان ڪڍڻ لاءِ آرمي چيف جنرل عاصم منير کان به مطالبو ڪري ٿو ته سڀني سان گڏجي  عوامي پاليسيون ترتيب ڏيڻ گهرجن هن چيو ته حڪمرانن کي سمجهڻ گهرجي ته پاڻي پلن جي هيٺان گذري ويو آهي پر پوءِ به اشرافيه ۽ بيوروڪريسي وي آءِ پي ڪلچر ڇڏڻ لاءِ تيار ناهي، هزارين ليٽر مفت پيٽرول ۽ اشرافيه جون 150 هزار کان وڌيڪ گاڏيون اڃا به شاهراهن تي هلي رهيون آهن.. هن چيو ته بجلي جي بلن ۾ 13 قسم جا ٽيڪس لڳايا ويا آهن ۽ ان ۾ عجيب ڊراما لڳايا ويا آهن، ايف بي آر جي تلوار به عام ماڻهن تي لٽڪيل آهي ۽ اها مافيا ۽ اشرافيا کان ٽيڪس وصول نه ٿي ڪري ۽ عام ماڻهو تي بار مڙهي رهي آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.