شاهه رخ خان جي گھر جي سيڪيورٽي اوچتو وڌائي وئي

ممبئي (ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ جي سپر اسٽار شاهه رخ خان جي گھر منت جي سامهون احتجاجي مظاهري سبب سيڪيورٽي ۾ واڌ ڪئي وئي آهي.
ميڊيا رپورٽس موجب شاهه رخ خان کي اي 23 گيمز پليٽ فارم جو ايمبيسيڊر بڻايو ويو آهي ۽ تازو ئي هو ان جي اشتهار ۾ به نظر آيو. هن پروموشن شوٽ ڪرايو جنهن ۾ هو چئي رهيو آهي ته ”اچو ته گڏ کيڏون“.
ان جي خلاف انٽج يوٿ فائونڊيشن طرفان منت جي ٻاهران احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. فائونڊيشن جو چوڻ هو ته اهو پليٽ فارم نوجوانن کي گمراهه ڪري رهيو آهي ۽ شاهه رخ خان ان جو حصو بڻجي ويو آهي.
فائونڊيشن جو چوڻ هو ته ان اشتهار ۾ مشهور اداڪار ۽ اداڪارائون ڪم ڪنديون آهن ۽ اهي معاشري کي گمراهه ڪرڻ جو ڪم ڪري رهيا آهن.

 

View this post on Instagram

 

A post shared by Viral Bhayani (@viralbhayani)

فائونڊيشن جي صدر ڪرش چندر عادل چيو ته جيڪڏهن ڪو آن لائن گم کيڏندو آهي ته پوليس کيس گرفتار ڪندي آهي ۽ بالي ووڊ اداڪار ان لاءِ اشتهار بڻائي رهيا آهن جن کي ڪجهه نه پيو چيو وڃي.
احتجاجي مظاهري جو اطلاع ملندي ئي ممبئي پوليس منت پهتي ۽ سپر اسٽار جي گھر جي سيڪيورٽي ۾ اضافو ڪيو يوو ته جيئن ڪو اڻوڻندڙ واقعو پيش نه اچي.
رپورٽس موجب پوليس 4 کان 5 مظاهرين کي حراست ۾ ورتو آهي. انسٽاگرام تي وائرل ٿيل هڪ وڊيو ۾ ڏسي سگھجي ٿو ته پوليس اهلڪار منت ٻاهران سيڪيورٽي جا فرض انجام ڏئي رهيا آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.