عاشق خلاف بيان ڇو نه ڏنئي، پيءُ ماءُ هٿان ڳورهاري ناري قتل

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي ۾ پيءُ ماءُ پنهنجي 19 ورهين جي ڳورهاري ڌيءَ کي بيدردي سان قتل ڪري ڇڏيو ڇو جو هن پنهنجي عاشق خلاف زنا جي ڪيس ۾ شاهدي نه ڏني.

ڀارتي ميڊيا موجب اتر پرديش رياست ۾ نوجوان ناري جي والدين هڪ ڇوڪري تي جنسي زيادتي جو ڪيس داخل ڪرايو هو. ڪيس ۾ چيو ويو هو ته نوجوان ڇوڪري سندن ڌيءَ کي اغوا ڪري جنسي زيادتي جو نشانو بڻايو.

پوليس نوجوان کي گرفتار ڪري ورتو جنهن ٻڌايو ته هو ناري سان محبت ڪندو آهي ۽ ناري به هن سان شادي ڪرڻ چاهي ٿي پر سندس پيءُ ماءُ راضي ناهن ٿي رهيا ان لاءِ مون کي زيادتي جي ڪوڙي ڪيس ۾ ڦاسايو ويو آهي.

عدالت ان ڪيس ۾ ناري جو موقف ڄاڻڻ لاءِ کيس طلب ڪري ورتو پر پيشي اڳ ئي رات جو سندس پيءُ ماءُ ڌيءَ کي گھٽو ڏئي قتل ڪري ڇڏيو هو.

پوليس جو چوڻ هو ته ناري ۽ نوجوان آڪٽوبر 2022ع ۾ ٻئي شهر فرار ٿي شادي ڪري ڇڏي هئي. پيءُ ماءُ جي شڪايت تي جوڙي کي پوليس ڳولي ڊسمبر 2023ع ۾ گرفتار ڪري نوجوان کي جيل ۽ ناري کي گھر موڪلي ڇڏيو هو.

پوليس موجب ناري جي پيءُ ماءُ پنهنجي ڌيءَ تي دٻاءُ وڌو ته هو عدالت ۾ اهو چوي ته نوجوان کي اغوا ڪري زيادتي جو نشانو بڻايو جڏهن ته ناري پنهنجي بواءِ فرينڊ خلاف بيان ڌيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو هو.

پوليس وڌيڪ ٻڌايو ته ناري جو  پيءُ ۽ ماءُ ڇوڪري کي ڪوڙي ڪيس ۾ ڦاسائڻ چاهين پيا. ڇوڪري جي نه مڃڻ تي پيءُ ماءُ ڪاوڙ ۾ اچي ڌيءَ کي گھٽو ڏئي قتل ڪرڻ بعد لاش ڍنڍ ۾ ڦٽو ڪري ڇڏيو.

جڏهن ناري عدالت نه پهتي ته نوجوان خدشو ظاهر ڪيو ته ساهرن سندس زال کي نقصان پهچايو آهي جنهن تي عدالت پوليس کي ناري جي ڳولا جو حڪم ڏنو.

پوليس سپرينٽينڊنٽ سنجيو سمن صحافين کي ٻڌايو ته ڇوڪري جي والدين کي گرفتار ڪري ورتو آهي جن جاچ دوران ڌيءَ کي قتل ڪرڻ جو اعتراف ڪري ورتو ۽ سندس لاش ڍنڍ مان هٿ ڪيو ويو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.