اسان جي حڪومت آئي ته 300 يونٽ تائين بجلي مفت ڪنداسين: عليم خان

لاهور (ويب ڊيسڪ) استحڪام پاڪستان پارٽي جي صدر عبدالعليم خان چيو آهي اسان جي حڪومت آئي ته 300 يونٽ تائين بجلي مفت ڪري ڇڏينداسين.
هڪ بيان ۾ عبدالعليم خان چيو ته حڪومت شهرين تي رحم ڪري ۽ کين رليف فراهم ڪري، اميرن تي مالي حيثيت موجب ڊائريڪٽ ٽيڪس لاڳو ۽ وصول ڪيو وڃي.
هن مطالبو ڪيو ته حڪومت 200 يونٽ تائين بجلي مفت ڪري ۽ موٽر سائيڪل وارن لاءِ پيٽرول سستو ڪري.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.