بجلي بلن خلاف احتجاج، پ پ پنهنجي ڪارڪنن کي اهم هدايتون جاري ڪري ڇڏيون

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پ پ جي مرڪزي قيادت به پنهنجي ڪارڪنن کي بجلي بلن ۾ واڌ خلاف عوامي احتجاج ۾ ڀرپور نموني شرڪت جي هدايت ڪري ڇڏي.
پ پ جي سيڪريٽري جنرل نيئر بخاري ڪارڪنن کي بجلي بلن خلاف احتجاج ۾ ڀرپور شرڪت جي هدايت ڏيندي چيو ته ڳرن بجلي بلن خلاف سٽي، يونين ڪائونسل ۽ تعلقي سطح تي احتجاج ڪيو وڃي.
هن چيو ته بجلي جي ڳاٽي ٽوڙ اگهن سبب ملڪ جو هر شهري پريشان آهي، پ پ ڪارڪن عوام جو آواز بڻجي بجلي اگهن خلاف احتجاج شروع ڪن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.