لاهور(م ڊ)استحڪام پاڪستان پارٽي جي صدر عبدالعليم خان حڪومت کان مطالبو ڪيو آهي ته حڪومت بجلي جا بل گهٽائي، ٻي صورت ۾ دل ڏاريندڙ واقعا وڌي سگهن ٿا.هڪ بيان ۾ عبدالعليم خان چيو ته بجلي جي بلن ۾ واڌ سبب عوام جي صبر جو پئمانو لبريز ٿي ويو آهي، مهانگائي سبب هر گهر اجڙي ويو آهي، مهانگائي ۾ واڌ سبب عوام ۾ ڪاوڙ جو اظهار فطري آهي. 2018ع ۽ 2022ع ۾ حڪومتن عام ماڻهو جي حالت تبديل نه ڪئي، ماضي جي حڪمرانن پاران عوام جي معاشي استحصال جو حساب وٺڻ گهرجي