بجلي بلن تي عوام کي مشڪلات جو احساس آهي: مرتضيٰ سولنگي

اسلام آباد(م ڊ) اطلاعات واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو آهي ته بجلي بلن   جي حوالي سان عوام مشڪل ۾ آهي، نگران وزيراعظم اڄ هنگامي اجلاس طلب ڪيو آهي، بجلي اگهن جي حوالي سان غور ڪيو ويندو،پاور بابت سمورن اسٽيڪ هولڊرن کي اجلاس ۾ گهرايو ويو آهي

بجلي جا ڳرا بل عوام سان ظلم آهي: پ پ اڳواڻ

ڪراچي(م ڊ) پ پ اڳواڻ ناز بلوچ ٽوئيٽ ڪيو آهي ته بجلي جي بلن ۾ انتهائي  نامناسب اضافو عوام لاءِ مشڪلات واري صورتحال پيدا ڪري رهيو آهي. آمدني کان وڌيڪ بل نه رڳو هڪ بار پر ظلم پڻ آهي،پاڪستان جي ترقي تڏهن ئي ممڪن آهي جڏهن وچولو ڪاروباري طبقو خوشحال هجي ۽ ڪاروبار هلي، پر جڏهن بجلي جو بل 35000 رپيا اچي ٿو ۽ آمدني 25000 رپيا هزار هجي ته شهري ٻه وقت جي ماني ۽ ٻيا روزاني خرچ ڪيئن پورا ڪندو. پيٽرول، دوا، تعليم، ممڪن نه ٿيندي،بجلي جي بل ۾ واڌ بدران سستي بجلي جي پيداوار وڌائڻ گهرجي

ماڻهو قرض وٺي بجلي بل ادا پيا ڪن: عابد شير علي

فيصل آباد(م ڊ) مسلم ليگ ن اڳواڻ عابد شير علي چيو آهي ته ماڻهو قرض وٺي ۽ زيور وڪڻي بجلي جا بل ادا ڪري رهيا آهن .فيصل آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي عابد شير علي چيو ته ڪنهن به شئي جي قيمتن ۾ گهٽتائي ناهي ٿي رهي.هن چيو ته ٻه پکا هلائڻ واري کي 35 هزار جو بل مليو آهي، جيڪڏهن گيس جو بل آيو ته پگهاردار طبقو ڪيڏانهن ويندو؟هن چيو ته واپڊا آفيسر مفت بجليءَ جو مزو وٺي رهيا آهن، سڀ کان وڏو ڦرلٽ واپڊا آفيسر آهن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.