شاهه خان جي نئين فلم ”جوان“ جي پوسٽر سوشل ميڊيا تي ٿرٿلو مچائي ڇڏيو

ممبئي (ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ ڪنگ شاهه رخ خان جي 5 ڪردارن تي ٻڌل ”جوان“ فلم جي نئين پوسٽر سوشل ميڊيا تي ٿرٿلو مچائي ڇڏيو.

اداڪار پنهنجي انسٽاگرام اڪائونٽ تي نئين ميگا ٿرلر فلم جو پوسٽر جاري ڪيو آهي جنهن ۾ هن جي 5 ڪردارن جون تصويرون آهن.

ان فلم کي 7 سيپٽمبر تي رليز لاءِ پيش ڪيو ويندو ۽ ان ۾ دپيڪا پڊوڪون به نظر ايندي.

 

View this post on Instagram

 

A post shared by Shah Rukh Khan (@iamsrk)

واضح رهي ته ”جوان“ شاهه رخ خان جي شوبز ڪيريئر جي سڀ کان مهانگي فلم بڻجي چڪي آهي ۽ ان جي بجيٽ 300 ڪروڙ رپين تائين پهچي وئي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.