پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي پرستارن لاءِ اهم خبر

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) ايشيا ڪپ 2023ع جي سلسلي ۾ پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم سڀاڻي ٽپهري جو ڪولمبو کان سڌي ريت ملتان لينڊ ڪندي.

پاڪستان ايشيا ڪپ جي پهرين ميچ نيپال خلاف ٽيهه آگسٽ تي ملتان ۾ کيڏندو، نيپال ڪرڪيٽ ٽيم به ڪالهه ڪراچي کان ملتان پهچندي.

افغانستان ڪرڪيٽ ٽيم 28 آگسٽ جي صبح ڪمرشل فلائيٽ ذريعي ڪولمبو کان لاهور پهچندي.

بنگلاديش ۽ سريلنڪا جون ٽيمون پهرين سپٽيمبر  جي رات چارٽرڊ فلائٽس ذريعي لاهور پهچنديون.

لاهور جي قذافي اسٽيڊيم ۾ ٽي، پنج ۽ ڇه سپٽيمبر تي ايشيا ڪپ جون ميچون شيڊيول آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.