ميهڙ ۾ ٻه مهينا اڳ گم ٿيل نينگري جو پتو نه پيو، وارثن جو اغوا جو الزام

ميھڙ (ويب ڊيسڪ) ميھڙ ۾ ٻه مھينا اڳ گم ٿي ويل نينگري جو پتو نه پئجي سگھيو، جڏهن ته سندس وارثن نينگريءَ جي اغوا جو الزام هڻي آهي.
ميھڙ جي بينظير ٽائون واسڻ عورتن مسمات طاھرا زال نياز حسين تيوڻو، مسمات لالا خاتون ۽ صحافين اڳيان دانهيو ته ٻه مھينا اڳ صبح جو سوير دڪان تان کير وٺڻ لاءِ ويل 10 ورھين جي فاطمه ڌي نياز حسين تيوڻو کي اڻڄاتل ماڻھو اغوا ڪري کڻي ويا آھن، جنھن جو پتو پئجي نه سگھيو آھي.
ھنن چيو ته اسين ڪيترائي ڀيرا ميھڙ پوليس ڏي ويا آھيون پر پوليس ڪا مدد نه ٿي ڪري، خدا جي واسطي اسان جي نياڻي کي موٽرائي پريشاني ختم ڪئي وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.