وڏي پئماني تي ڪرپشن جي جاچ شروع، مڪيش چاولا جو گهيرو تنگ

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) اڳوڻي صوبائي وزير مڪيش چاولا به نيب جي پڪڙ ۾ اچي ويو آهي.

اڳوڻي صوبائي وزير مڪيش چاولا ۽ سندس فرنٽ مينن خلاف جاچ شروع ڪئي وئي آهي.

جاچ لاءِنيب گڏيل جاچ ٽيم ٺاهيندي اڳوڻي وزير ۽ سندس فرنٽ مينن کي طلب ڪيو آهي.

نيب مڪيش چاولا ۽ ٻين کي نوٽيس موڪليو.

اڳوڻي صوبائي وزير، ايڪسائيز اينڊ ٽيڪسيشن جي آفيسرن کان به جاچ ٿيندي، انڪوائري ۾ اڳوڻي وزير جي ويجهن ماڻهن کي به شامل ڪيو ويو آهي.

مڪيش چاولا سندس گهرڀاتين، فرنٽ مينن جي ملڪيتن جا تفصيل گهريا ويا آهن.

ياد رهي ته مڪيش چاولا سنڌ حڪومت جي مختلف دورن ۾ ايڪسائيز کاتي جو وزير رهيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.