رياض ( ويب ڊيسڪ ) سعودي فٽبال ڪلب النصر جي نمائندگي ڪندڙ اسٽار فٽبالر ڪرسٽيانو رونالڊو عربي ٻوليءَ ۾ دلچسپي وٺندي مقامي ٻولي جا لفظ سکڻ شروع ڪري ڇڏيا آهن.
پرڏيهي خابرو اداري موجب، ڪرسٽيانو رونالڊو ويجهڙائي ۾ هڪ انٽرويو ڏنو هو جيڪو ترجمي سان گڏ النصر پنهنجي سوشل ميڊيا اڪائونٽ ايڪس تي شيئر ڪيو.
🎬 || The leader, Cristiano Ronaldo:
” As I said last season, Saudi League will improve and will be one of the best leagues in the world.
I’m happy here, and I’d like to thank Saudi Arabia for having me, and make me feel so happy” pic.twitter.com/PzNU7Uyi4e
— AlNassr FC (@AlNassrFC_EN) August 25, 2023
ان ڏس ۾ اسٽار فٽبالر چيو ته گذريل سيزن دوران چيو هو ته سعودي ليگ وقت گذرڻ سان گڏ بهتر ٿي ويندي ۽ دنيا جي هڪ بهترين ليگ بڻجي ويندي.
هن چيو ته مان سعودي عرب ۾ ڏاڍو خوش آهي، هتي گهرائڻ ۽ خوشي جو احساس ڏيارڻ تي مان سودي عرب جو ٿورائتو آهيان.
النصر طرفان شيئر ڪيل انٽرويوءَ جي آخر ۾ ٻڌي سگهجي ٿو ته ميزبان طرفان عربي سکڻ جي حوالي سان رونالڊو کان سوال پڇيو ويو جنهن جو جواب ڏيندي هن عربي ۾ لفظ ” شڪرا “ چيو، جيڪو مداحن کي وڻي ويو ۽ ان تي مختلف قسم جي تبصرا ڪري رهيا آهن.