ويرات ڪوهلي جي پرستارن لاءِ بُري خبر

ممبئي ( ويب ڊيسڪ ) ڀارتي ڪرڪيٽ ٽيم جو اڳوڻو ڪپتان ويرات ڪوهلي فٽ ترين ڪرڪيٽر ناهي رهيو.

پرڏيهي ميڊيا موجب، فٽنس ٽيسٽ ۾ ڀارتي اوپنر شُڀمَن گِل ويرات ڪوهلي کان اڳتي نڪري ويو، گِل جو يويو ٽيسٽ ۾ اسڪور 18 ڏهائي 7 آيو آهي، جڏهن ته ويرات ڪوهلي سوشل ميڊيا تي پنهنجي رزلٽ بابت پوسٽ شيئر ڪئي هئي جنهن هن جو اسڪور 17 ڏهائي 2 هو.

ايشيا ڪپ جي تياري لاءِ  ڀارتي ٽيم جي تربيتي ڪئمپ لڳائي آهي وئي جتي ڪرڪيٽرن جي يو يو ٽيسٽ ورتي وئي.

يويو ٽيسٽ ۾ اوپنر شُڀمَن گِل سڀني کان گوءِ کڻي ويو، ان ٽيسٽ ۾ ڪٽ آف ليول 16 ڏهائي 5 اسڪور رکيو ويو هو.

ان کانسواءِ جسپريت بمرا سميت پنج ڪرڪيٽرن جي يويو ٽيسٽ ناهي ورتي وئي، جڏهن ته باقي ٻين رانديگرن ٽيسٽ پاس ڪري ورتي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.