پاڪستاني شوقينن لاءِ خوشخبري، 200 سي سي بائيڪ متعارف ڪرائڻ جو اعلان

لاهور (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ۾ مقامي سطح تي بائڪس اسمبل ڪندڙ ڪمپني سپر اسٽار موٽر سائيڪلز 200 سي سي اسپورٽس بائيڪ متعارف ڪرائڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو.
رپورٽ موجب ڪمپني طرفان ان بائيڪ کي ”سپر اسپورٽس 200“ جو نالو ڏنو ويو آهي.
اها بائيڪ ڏسڻ ۾ ”هاءِ اسپيڊ فريڊم 200“ سان مشابهت رکي ٿي، ان بائيڪ جي فيچرز بابت حتمي طور تي اڃا تائين ڪمپني طرفان ڪجهه ناهي ٻڌايو ويو پر منظر تي ايندڙ تصوير مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته ان ۾ 200 سي سي ليڪوئڊ ڪولڊ سنگل سئلينڊر انجڻ ڏني پئي وڃي.
فرنٽ تي فورڪ ٽيوب شاڪ ابزاربرز ۽ پويان مونو شاڪ ابزاربرز ڏنا پيا وڃن، بائيڪ ۾ اڳيان ۽ پويان ڊسڪ بريڪ ڏني پئي وڃي، اها بائيڪ 5 مختلف رنگن ۾ دستياب هوندي.
اها بائيڪ ڪيستائين ۽ گهڻي قيمت ۾ مارڪيٽ ۾ دستاب هوندي، ان حوالي سان به ڪا ڄاڻ ناهي ڏني وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.