”ڌيءَ کي برگر کارائڻ جيترا به پئسا نه هئا“ عمر اڪمل ڏکيا ڏينهن ياد ڪري لڙڪ لاڙي ويٺو

پاڪستاني ڪرڪيٽر عمر اڪمل ماضيءَ ۾ ڪرڪيٽ تي پابندي دوران زندگيءَ ۾ پيش آيل ڏکيائين تي ڳالهائيندي پنهنجن جذبن تي ظابطو نه رکي سگهيو ۽ روئي ويٺو.

نجي ٽي وي چئنل جي پروگرام دوران عمر اڪمل کان ميزبان جڏهن سندس ڪيريئر جي تلخ ترين ڏينهن بابت سوال ڪيو ته هن جواب ڏيندي چيو ته هتي ڪنهن جو به نالو نٿو کڻڻ چاهيان، جيڪو گذري اِهو ورجائڻ نٿو چاهيان.

سندس چوڻ هو ته الله وٺي به آزمائيندو آهي ۽ کسي به آزمائيندو آهي، مون مٿان جڏهن ڏکيا ڏينهن آيا ته ماڻهن جا اصل چهرا سامهون اچي ويا.

عمر اڪمل چيو ته جيڪي ماڻهو منهنجي هڪ ڪال تي فون کڻندا هئا انهن منهنجو ساٿ ڇڏي ڏنو پر جيڪي ماڻهو مون گڏ اڄ به بيٺا آهن انهن جو ٿورائتو آهيان.

عمر اڪمل ڪرڪيٽ تي پابندي دوران پيش آيل چئلينجز بابت ڳالهائيندي چيو ته جيڪو ڏکيو وقت مون گذاريو آهي اِهو دشمن تي به نه اچي.

سندس چوڻ هو ته ڪرڪيٽ ۾ واپسي جي ڪوشش ڪري رهيو آهيان، الله تي يقين آهي ته پنهنجي محنت سان اڳتي وڌندس ۽ پاڪستان لاءِ هڪ ڀيرو وري کيڏندس.

ڪرڪيٽر ماضي کي ياد ڪندي جذباتي ٿي ويو ۽ چيو ته اِهو وقت ياد ڪندو آهيان ته اکيون آليون ٿي وينديون آهن.

عمر اڪمل چيو ته ڏکئي وقت ۾ ڀائرن ۽ ڪجهه دوستن منهنجو ساٿ ڏنو، حالتون ڏاڍيون خراب ٿي ويون هيون، مون وٽ ڌيءَ کي برگر کارائڻ جيترا به پئسا نه هئا، ايستائين جو اسڪول جي فيس به جمع نه ڪرائي سگهيس.

مئچ فڪسنگ جي سوال تي عمر اڪمل ٻڌايو ته ميچ فڪسنگ لاءِ به مون سان ڪيئي دفعا رابطو ڪيوويو، جنهن جا تفصيل پي سي بي ۽ آءِ سي سي کي فراهم ڪندو هيس، هو جاچ ڪندا هئا.

ياد رهي ته فيبروري 2020 ۾ پي سي بي اينٽي ڪرپشن قانونن جي ڀڃڪڙي تي عمر اڪمل کي معطل ڪيو،  ڪرڪيٽر خلاف مئچ فڪسنگ جي آچ کي رپورٽ نه ڪرڻ تي پي سي بي جي اينٽي ڪرپشن يونٽ ڪارروائي ڪئي هئي جنهن خلاف عمر اڪمل عالمي ٽياڪڙي عدالت ۾ اپيل ڪئي هئي.

عمر اڪمل کي پي سي بي اينٽي ڪرپشن ڪوڊ جي ڀڃڪڙي تي ٽن سالن جي سزا ٻڌائي وئي هئي، جيڪا بعد ۾ گهٽائي 18 ميهنا ڪئي وئي هئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.