سنڌ ۾ سفر ريل جو ھجي يا روڊ جو ڪو بھ سفر محفوظ نھ رھيو آھي. لاقانونيت ۽ اختيارين جي لاپرواھي ۽ بي حسي ڏسڻ بعد احساس ٿئي ٿو تھ صوبو مڪمل طور تي مافيائن ۽ طاقتور ڏوھارين جي ھٿن ۾ اچي ويو آھي.اھي حادثا قتل ئي ٿي سگھن ٿا،سڌريل معاشري ۾ انسانن جي حياتي جي وڏي قيمت آھي. بي حس سماج ۾ ھن قتل جو ڪيس ڪنھن تي داخل ٿيڻ گھرجي ؟
خميس واري ڏينھن ٺٽي لڳ ھڪ خوفناڪ حادثي ۾ ستن انسانن کي موت جي ننڊ سمھاري ڇڏيو آھي.جمعي واري ڏينھن وري موٽر وي اڳوڻي سپر ھاءِ وي تي ھڪ ڪوچ سان ٿيل حادثي ۾ بھ ماڻھو موت جو شڪار ٿي ويا آھن.
ٺٽي کان حيدرآباد روٽ تھ اڳ ئي لاوارث روٽ آھي.ان روٽ تي ننڍيون وينون ھلن ٿيون،جن ۾گھٽ سيٽن ھوندي ماڻھن کي ٻڪر ٻوسٽ ڪري ڀريو ويندو آھي.ٻيو تھ وين ھلائيندڙ ٽرانسپورٽر داداگيري ڪري وقت بوقت ڀاڙو وڌائيندا رھن ٿا.روٽ تي سفر ڪندڙ ماڻھن وٽ ٻيو ڪو رستو نھ ھئڻ ڪري مجبورن انھن صابڻ داڻي نما وينن ۾ سفر ڪرڻو پوي ٿو. ڪنھن دور ۾سنڌ ٽرانسپورٽ ڪارپوريشن جون بسون ھن روٽ تي ھلنديون ھيون. ھر سرڪاري اداري جيان ان اداري کي بھ ھٿ سان تباھ ڪيو ويو ھڪ زمانو ٿي ويو آھي.ھن روٽ تي علائقي جي ماڻھن جي مطالبن باوجود سرڪار جي انتظام ۾ اھڙي ڪا بھ سفر جي سھولت مھيا نھ ڪئي وئي.
لڳ ڀڳ ٻن ڏھاڪن کان ھن روٽ تي اھي تباھ حال وينون ھلن ٿيون.جنھن ۾ سفر ڪرڻ جوکي کان خالي ناھي.جنھن ڪري وقت بوقت حادثا ٿيندا رھن ٿا، جنھن جي جاچ واري رسم پڻ پوري ٿئي ٿي.ان جو ڪو تفصيل ڪڏھن سامھون نھ آيو آھي.جيڪڏھن ان جي ذميواري ڪنھن تي وڌي بھ وئي ھوندي تھ ان کي قانون موجب سزا نٿي ملي.
سمورن شعبن بابت قانون تھ جوڙيل آھي، پر اسان وٽ اصل مسئلو ئي قانون تي عمل ڪرڻ جو آھي.افسوس جو اھڙن حادثن ۾ عام ۽ غريب ماڻھو موت جو شڪار ٿين ٿا پر اختياريون ان طرف ڪڏھن بھ گھربل ڌيان ڏيڻ جي لاءِ تيار نھ آھن.جيڪڏھن انصاف ھجي تھ مختلف روٽ تي ھلندڙ وينن، ويگنن ۽ بسن مان گھڻن جي اھڙي حالت آھي جو اھي مالڪ سميت حوالات ۾ ھجن ،پر ھتي ھر ڪو مسئلي کي ڌڪو ڏئي پنھنجو وقت ۽ پئسو بچائڻ ۽ غيرقانوني عمل کي ھٿي ڏيڻ واري رسم ادا ڪندو رھي ٿو.
ٽرانسپورٽ اھڙو شعبو آھي جنھن ۾ ڪنھن شريف ماڻھو جي جاءِ ناھي رھي ۽ جڏھن وري پبلڪ ٽرانسپورٽ جي ڳالھھ نڪرندي تھ ان ۾ٿيل قانون جي لتاڙ ھر ھنڌ نظرايندي. جنھن جو قانون جي ڪا بھ عدالت ڪڏھن نوٽيس نٿي وٺي.جنھن ڪري سماج ۾ ٻين کاتن جيان ھن کاتي ۾ پڻ لاقانونيت جي بيماري ڪينسر ٿي وئي آھي.
جهرڪ ويجھو ٺٽي کان حيدرآباد ويندڙ قومي شاھراھ تي بسم الله چوڪ وٽ تيز رفتار مسافر وين سامهون ايندڙ ٽرڪ ۾ خوفناڪ ٽڪر ٿيڻ سان حيدرآباد کان ٺٽي سفر ڪندڙ ست مسافر اجل جو شڪار ٿي ويا آھن.جن ۾ 2 عورتن ۽ هڪ نينگري پڻ شامل آھن.زخمين ۾ 15 شامل آھن.
ان حادثي سان گڏ ھميشھ جيان ٻيو حادثو اھو ٿيو تھ بروقت ايمبولينس ۽ ريسڪيو ٽيمون نه پهتون. مقامي ماڻھن پاران پنھنجي ھمٿ ڪندي زخيمن ۽ فوتين کي مختلف اسپتالن ڏانھن منتقل ڪيو.
سنڌ جي چيف سيڪريٽري ڊاڪٽر محمد فخر عالم ڪمشنر حيدرآباد کان وين حادثي جي رپورٽ طلب ڪري ورتي آھي.توقع ڪجي ٿي تھ چيف سيڪريٽري ھن دل جھوريندڙ حادثي جي مڪمل جاچ ڪرائي ان جي ذميوارن جو تعين ڪرڻ ۾ ڪا ڪسر نھ ڇڏيندو ۽ انھن خلا ف جوڳي ڪارروائي ڪري، ھن روٽ تي عوام سان ٿيندڙ ظلم کي بند ڪرائيندو،
ساڳي وقت اختيارن کي اھا پڻ اپيل ڪجي ٿي تھ وقت گذرڻ سان گڏ ھن روٽ تي ماڻھن جي وڌندڙ رش کي نظر ۾ رکندي پبلڪ سيڪٽر جي ٽرانسپورٽ جو سلسلو شروع ڪيو ويندو جئين اڳ ۾ ھلندڙ ٽرانسپورٽ جي من مستي ۽ داداگيري کي روڪڻ ۾ مدد ملي سگھي.
مليريا ڪيسن ۾ واڌ
مينھوڳي واري موسم هئڻ ڪري لڳ ڀڳ سموري سنڌ ۾ مڇرن ۽ جيتن جڻن جي واڌ ويجھھ ٿي آھي. موافق گرمي ۾ اھڙي قسم جا جيت،مڇر ۽ مک جي واڌ ويجھھ تيزي سان ٿئي ٿي.
ھن وقت سموري سنڌ ۾ مليريا جا ڪيس وڌي ويا آھن.ٻئي پاسي اھا صورتحال آھي جو صحت کاتي پاران سمورين اسپتالن کي گھربل سھولتون ۽ دوائون نھ پيون ملن،جنھن ڪري مليريا جي تشخيص ڏکي ٿي وڃي ٿي.ڊاڪٽرن موجب مليريا جو ھڪ قسم پي ايف پازيٽو تيزيءَ سان وڌي رهيو آهي. ان بخار جي لاءِ گھربل دوائن جي پڻ کوٽ جون شڪايتون ملي رھيون آھن.
ھن جديد دور ۾ پڻ اھڙي بيماري جي درست ۽ وقت سر تشخيص نھ ٿي سگھڻ ڪري ڪيترائي مريض ٻين پيچدگين جو شڪار ٿي رھيا آھن.جنهن ۾ رت جي کوٽ، جگر جي سوڄ، بڪين جو ڪم ڪرڻ بند ٿي وڃڻ ۽ ڇاتيءَ جو خراب ٿيڻ عام آهي.سنڌ ۾ صحت کاتو موجود آھي،جنھن جي ٻھراڙين وارن علائقن ۾ مليريا جي تشخيص واري سھولت کي يقيني بڻائيندي، ان جو وقت وڌايو وڃي. ٻنپھرن بعد ٻھراڙين جون اسپتالون بند ڪيون وڃن ٿيون يا وري اتي گھربل سھولت نھ ھئڻ ڪري ان مان عوام کي فائدو نٿو ملي.
سنڌ ۾ ھن وقت مڪاني ادارا فعال آھن ، پنھنجي علائقي ۾ مڇر مار ڦوھارو ڪرڻ ان جي ذميواري ۾ شامل آھي، پر اھڙين مھم ھلائڻ ۾ سستي ٿيڻ ڪري مڇرن جي واڌ ويجھه کي روڪڻ جو ڪو انتظام نھ پيو ڪيو وڃي.
صحت جي وزير کي اپيل ڪجي ٿي تھ سموري سنڌ ۾ ھن وقت تيزي سان پکڙيل مليريا کي منھن ڏيڻ جي لاءِ جوڳي حڪمت عملي جوڙي ان تي عمل ڪرائي عام ماڻھن جي مڇرن ۽ ٻين جيتن مان پکڙجندڙ بيمارين مان جان ڇڏائي وڃي.