ڪراچي (رپورٽ: محمد علي نقرچ) پاڪستان وجود ۾ اچڻ کان هينئر تائين ترقي ڪرڻ بدران مسلسل زوال جو شڪار آهي، فوج کي سياست مان ڪڍڻ ۽ جاگيرداراڻي نظام مان ڇوٽڪاري لاءِ منظم جمهوري جدوجهد جي ضرورت آهي.
اهڙو اظهار ڪالهه آرٽس ڪائونسل آف پاڪستان ڪراچي ۾ مير غوث بخش بزنجو ۽ مير حاصل خان بزنجو کي خراج تحسين پيش ڪرڻ لاءِ ڪوٺايل ورسي تقريب کي مقررن خطاب ڪندي ڪيو.
صدارتي خطاب ڪندي نيشنل پارٽي جي مرڪزي اڳواڻ عبدالمالڪ بلوچ چيو ته مير حاصل خان بزنجو چوندو هو ته پاڪستان ۾ قومن کي مڃيو وڃي پوءِ وڃي مسئلا حل ٿيندا ڇاڪاڻ ته پاڪستان گهڻ قومي ملڪ آهي، ان ڪري سڀني کي گڏ کڻي هلڻ لاءِ جدوجهد جاري رهندي ۽ جمهوريت لاءِ به اهو واحد رستو آهي.
هن چيو ته حاصل بزنجو انتهائي بهادر ۽ ايماندار انسان هو، بلوچستان وارا سنڌ ۽ پنجاب کان ڪمزور آهن، سينيئر دوست متحرڪ ٿي ٻڌائين ته ڪيئن پاڻ ۾ جڙجي.
ن ليگ سنڌ جي صدر شاهه محمد شاهه تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته منهنجو سياسي استاد مير غوث بخش بزنجو آهي، ايم آر ڊي مهم جڏهن سنڌ ۾ ٺهي ته اسين 70 ڪلفٽن محترم شهيد بينظير سان ملياسين ته مير غوث بخش بزنجو محترمه کي چيو ته آءُ ايم آر ڊي ۾ تڏهن شريڪ ٿيندس جڏهن اوهان اسان جي 1940 واري ريزوليوشن واري تحريڪ ۾ حصو وٺندا.
پاڪستان ورڪرز پارٽي جي ايڊووڪيٽ اخترحسين چيو ته ملڪ ٺهڻ کان وٺي هن وقت تائين ترقي ڪرڻ بدران پوئتي وڃي رهيو آهي، ان جو ڪارڻ صوبن جي معدني وسيلن تي قبضو آهي، هن چيو ته 18 هين ترميم جو ڪريڊٽ کڻندڙ به ان جي روح تي عمل نه ڪرائي سگهيا آهن، نتيجن معاشي مسئلا حل نه ٿي سگهيا آهن، معدني وسيلا سڀ وفاق کڻندو ته پوءِ ترقي ڪئين ٿيندي.
هن چيو ته فوج جي سياست مان مداخلت ختم ڪرڻ ۽ جاگيردارڻي نظام جي خاتمي لاءِ سمورين ترقي پسند ڌرين کي منظم جدوجهد ڪرڻي پوندي، نه ته فوج 44 لک ايڪڙ زمين حاصل ڪئي آهي اها سڀاڻي 90 لک ايڪڙن تائين پهچي ويندي.
سندس چوڻ هو ته جهالت ٻي ڪهڙي ٿي سگهي ٿي ته سعودي جي بادشاه جي مان ۾ اسڪولي ٻارڙن کان آجياڻو ڪرايو وڃي ٿو، 5 ڪروڙ ٻار اسڪولن کان ٻاهر آهن، مٿان وري ايم اين ايز پنهنجي ڪاروبار لاءِ خانگي يونيورسٽين جا بل پيا پاس ڪرائين، هارين، مزدورن ۽ عام ماڻهن کي ڪڍي زراعت به فوجين کي ڏني پئي وڃي.
ايڊووڪيٽ جاويد قاضي چيو ته اسان ته سڀ غدار آهيون، اهي سڀ ئي محب وطن آهي جن پاڪستان کي ٻارن سان زيادتي، عورتن سان ناجائزي توڙي هر ڏوھ جي حساب سان دنيا ۾ ڳڻيو وڃي ٿو.
هن چيو ته سنڌ ۾ فاطمه ڦرڙو جي قتل کان پوءِ جاگيردارن، سردارن، وڏيرن ،پيرن ۽ ميرن خلاف سنڌ جو شعور هڪ ٿي بيٺو آهي.
مير حاصل خان بزنجو جي پٽ شاويز بزنجو خطاب ڪندي چيو ته حاصل بزنجو جمهورت پسند ۽ انصاف پسند ماڻهو هو، بابا چيو ته هي نظام ۽ ملڪ صرف جمهوريت سان ئي ٺيڪ ٿي سگهي ٿو.
هن چيو ته مير صاحب اهو چوندو هو ته هتي جمهوريت نه پر مجبوريت آهي. پوليٽيڪل تجربو 2018 کان نه پر پاڪستان ٺهڻ کان هلي ٿو، خاص ڪري پوليٽيڪل تجربو بلوچستان ۾ ڪيو ويو. ڊاڪٽر ڪرامت علي چيو ته زراعت هاري ڪري سگهي ٿو فوج نه ٿي ڪري سگهي،ملڪ کي رهڻو آهي ته بنيادي شرطن تي عمل ڪرڻو پوندو، بلوچستان قرباني ڏئي پاڪستان ۾ شامل ٿيو هو.
هن چيو ته چونڊ سڌارا ٿيڻ گهرجن، سيٽن لاءِ آبادي سان گڏ پکيڙ کي به شامل ڪيو وڃي، ڇاڪاڻ ته ڪراچي جون 12 سيٽون ۽بلوچستان جون 5 سيٽون اهو ڪٿان جو انصاف آهي. هن چيو ته ٻوڏ متاثر ڪراچيءَ ۾ ويچارا پنڻ تي مجبور آهن حڪومت اڃان تائين انهن کي سيٽ ناهي ڪري سگهي.
نيشنل پارٽي جي شاهين رمضان ميمڻ چيو ته ڪارونجهر تي قبضو ۽ بلوچستان جون ساحلي پٽيون غير ملڪين حوالي ڪيون ويون آهن، فاطمه ڦرڙو جو ڪيس ظاهر ٿيو آهي پيري مريدي جو سالن کان ڌنڌو هلندڙ آهي ۽ پير مريد ساڻ ڪري جلسا پيو ڪري ان کي شرم اچڻ گهرجي. اسان کي گڏجي پيرن، نوابن خلاف اٿڻو پوندو.
پروفيسر توصیف احمد چيو ته پهرين بلوچستان ۽ سنڌ سان ظلم ٿيندو هو هاڻي 9 مئي بعد پنجاب کي به ظلم ۾ شامل ڪيو ويو آهي،ملڪ ۾ رڳو بحران ئي بحران آهي، ملڪ کي بحرانن مان ڪڍڻ لاءِ نئين اتحاد جي ضرورت آهي، ان موقعي تي جان محمد بليدي، نور محمد، ايوب قريشي ۽ ٻين خطاب ڪيو.
ان موقعي تي مبارڪ علي بلوچ ۽ حسن جاويد جي ڪتابن جو مهورت به ڪيو ويو، جڏهن ته توقير چغتائي مير غوث بخش بزنجو ۽ حاصل بزنجو کي ڀيٽا ڏيڻ لاءِ نظم پيش ڪيو.