مهانگائي ماريل عوام روڊن تي، بجلي بلن کي باهه، سياسي پارٽيون غائب

اسلام آباد (عوامي آواز نيوز) پئٽرول، ڊيزل، گئس ۽ بجلي اگهن ۾ ڳاٽي ٽوڙ واڌ سبب مهانگائي جو طوفان آيل آهي، نتيجي طور ماڻهون  بنا قيادت جي روڊن تي اچي ويا آهن ۽ سياسي پارٽيون پناهه گاهن ۾ بند ٿي ويون آهن، ڪابه سياسي پارٽي عوام جي اڳواڻي ڪرڻ ۽ عوام کي مهانگائيءَ جا اصل ڪارڻ ٻڌائڻ  لاءِ تيار نه آهي.

نامياري صحافي عاصمه شيرازي جو چوڻ آهي ته سياسي پارٽيون عوام کان  لاتعلق نظر اچي رهيون آهن، عوام مختلف شهرن ۾ روڊن تي نڪري پيو آهي. بجليءَ  جا بل ساڙيا پيا وڃن، اهڙي صورتحال  جو ڪو وڏو سانحو  پيش اچي سگهي ٿو. ڇو ته عوام جي رهنمائي ڪرڻ وارو ڪو به  سياستدان نظر نٿو اچي،

حالتون گهرو ويڙهه طرف وڌي رهيون آهن، مذهبي انتها پسندي وڌي رهي اهي. نامياري قانوندان ۽ اڳوڻي پ پ سينيٽر مصطفيٰ  نواز کوکر جو چوڻ آهي ته سياسي بحران پاناما کان شروع ٿيو آهي ۽ 10 سال ٿي ويا آهن ته ملڪ سياسي غير يقينيءَ  مان نه نڪري سگهيو آهي.

سماج انارڪي طرف وڌي رهيو آهي. هوڏانهن نواز ليگ  قيادت لنڊن پهتل آهي. عوام سان نواز ليگ جو ڪو به رابطو نه آهي. ساڳي صورتحال پيپلز  پارٽي جي آهي، قيادت  منظر تان غائب آهي. ڪو به عوام کي تسلي ڏيڻ يا همدردي ڪرڻ لاءِ تيار نه آهي.

نوٽ: هي خبر روزاني عوامي آواز ڇنڇر 26 آگسٽ 2023ع تي شايع ٿي

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.