فاطمه ڦرڙو ڪيس، جوابدار اسد شاهه جي رمانڊ ۾ 3 ڏينهن واڌ، ڪيس گڏيل قومن ۾ به داخل

خيرپور (ويب ڊيسڪ) راڻي پور ۾ پير جي حويلي ۾ مارجي ويل ٻارڙي فاطمه ڦرڙو جي ڪيس ۾ نامزد مک جوابدار اسد شاهه جي جسماني رمانڊ ۾ 3 ڏينهن جي واڌ ڪئي وئي.
جوابدار اسد شاهه جي جسماني رمانڊ جو مدو پورو ٿيڻ تي ان کي جڊيشل مئجسٽريٽ جي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو.
جاچ آفيسر عدالت کي ٻڌايو ته اسد شاهه وٽان جيڪي موبائل فونز برآمد ٿيون، انهن تي سيڪيورٽي ڪوڊ لڳل آهي، جوابدار سيڪيورٽي ڪوڊ ٻڌائڻ لاءِ تيار ناهي، سموريون شيون شفاف انڪوائري تي اثرانداز ٿي رهيون آهن.
جج جوابدار اسد شاهه سان مڪالمو ڪندي چيو جيڪڏهن توهان بي ڏوهه آهيو ته موبائل ڪوڊ پوليس کي ٻڌائي ڇڏيو.
جاچ آفيسر عدالت کي وڌيڪ ٻڌايو ته جوابدارن جون ڊي اين اي ٽيسٽ رپورٽون به اڃا تائين وصول ناهن ٿيون.
عدالت ڪيس جي مک جوابدار اسد شاهه جي جسماني رمانڊ ۾ 3 ڏينهن جي واڌ ڪري ڇڏي.
هوڏانهن مقتولا فاطمه جي وڪيل ايڊووڪيٽ نثار احمد ڀنڀري صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته جاچ آفيسر عدالت کي ٻڌايو ته جوابدار پوليس سان سهڪار نه پيو ڪري، گڏيل قومن ۾ به ڪيس فائل ڪيو ويو آهي.
هن چيو اهو ظاهر آ ته ٻارڙي جو طبي موت ناهي ٿيو، ان سان زيادتي ٿيندي رهي، سوال اهو آ ته جنسي زيادتي ڪنهن ڪئي، قتل ڪنهن ڪيو؟

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.