گھڻا ماڻهو مڇي جي تيل جا سپليمينٽس استعمال ان اميد سان ڪندا آهن ته ان سان دل ۽ دماغ سوڌو جسماني صحت کي فائدو ٿيندو.
پر ڇا واقعي ائين ٿيندو آهي؟ ان سوال جو جواب آمريڪا ۾ ٿيل هڪ نئين طبي تحقيق ۾ ڏنو ويو آهي.
يونيورسٽي آف ٽيڪساس سائوٿ ويسٽرن ميڊيڪل اسڪول جي تحقيق دوران ان حوالي سان سمورين شاهدين ۽ ڊيٽا جوجائزو ورتو ويو.
تحقيق ۾ ٻڌايو ويو ته جيڪڏهن اوهان بهمڇي جي تيل جي سپيليمنٽس کي صحت لاءِ فائديمند سمجهندا آهيو ته امڪاني طور تي پنهنجا پيسا زيان ڪري رهيا آهيو.
تحقيق دوران محققن سپليمنٽس جو روزانو استعمال سان پوندڙ اثرن ۽ ٻي ڊيٽا جي ڇنڊ ڇاڻ ڪئي.
هنن دريافت ڪيو ته گھڻا سپليمنٽس تيار ڪندڙ ڪمپنين طرفان دل جي صحت کي بهتر بڻائڻ جي دعويٰ ڪئي ويندي آهي.
هنن اهو به دريافت ڪيو ته 60 سالن کان وڌيڪ عمر جي هر 5 مان هڪ فرد دل جي صحت لاءِ انهن سپليمنٽس جو استعمال ڪندو آهي.
محققن ٻڌايو ته جيڪڏهن اوهان هاءِ بلڊ پريشر يا ڪولسٽرول کي ڪنٽرول ڪرڻ چاهيو ٿا ته ان قسم جي سپليمنٽس تي پيسا زيان ڪرڻ بدران ميوا يا ڀاڄيون کائو، جم وڃڻ شروع ڪري ڇڏيو يا ڊاڪٽر کان تجويز ڪيل دوائون استعمال ڪريو.
هنن چيو ته مڇي جي تيل جي سپليمنٽس سان دل جي صحت بهتر ناهي ٿيندي ۽ ماڻهن کي ان جو استعمال ڊاڪٽر جي مشوري کانسواءِ نه ڪرڻ گھرجي.
سندن چوڻ هو ته مختلف ملڪن ۾ مڇي جي تيل جي سپليمنٽس جي اثرن جي حوالي سان ڪلينيڪل ٽرائلز ۾ ڪو به فائدو دريافت ناهي ٿيو.
محققن موجب انهن سپليمنٽس بدران جيڪڏهن هفتي ۾ ٻه ڀيرا مڇي کائجي ته ان سان دل کي وڌيڪ فائدو ٿي سگھي ٿو.
ان تحقيق جا نتيجا JAMA Cardiology ۾ ڇپيل آهن.