عوام لاءِ بري خبر، پيٽرول ڪيترو مهانگو ٿيندو؟

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) رپئي جي اگهه ۾ وڏي پئماني تي لاٿ سبب ملڪ ۾ ٻارڻ جي اگهن ۾ ايندڙ 15 ڏينهن جي جائزي ۾ وڏي واڌ جو امڪان آهي.

پهرين سيپٽمبر کان پيٽرول ۽ ڊيزل جي اگهن ۾ واڌ جو واحد عنصر ايڪسچينج ريٽ هوندو.

ٻئي پاسي پي او ايل شين ۽ خام تيل عالمي منڊي ۾ مستحڪم اگهه برقرار رکندو.

ذريعن موجب ڊالر جي اگهه ۾ واڌ ٿي آهي ۽ وڌيڪ واڌ جي اميد آهي، هاڻوڪن 15 ڏينهن ۾ رڳو 6 ڏيهن بچيا آهن.

حساب لڳائجي ته 9 رپيا 95 پيسا في ليٽر ۽ ڊيزل 13 رپيا 73 پيسا في ليٽر مهانگو ٿي سگهي ٿو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.