ڪراچي (ويب ڊيسڪ) جمعي تي ملڪي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو انٽر بئنڪ ۾ ڊالر جو اگهه 301 رپين جي بلند ترين سطح تي پهچي ويو.
ملڪي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو جمعي تي ڊالر جو انٽر بئنڪ ريٽ 301 رپين جي بلند ترين سطح تي پهچي ويو.
انٽر بئنڪ مارڪيٽ ۾ ڪاروبار جي شروعات ۾ ئي ڊالر جو اگهه 17 پئسا گهٽجي ويو پر ان دوران ڊالر جي طلب ۾ به اضافو ٿيو، اهڙي حرڪت شروع ٿي جنهن کان پوءِ ڊالر جو اگهه هڪ رپيو 3 پئسا مهانگو ٿي 301 رپيا 25 پئسا ٿي ويو، پر ڪاروبار جي پڄاڻي تي ڊالر جو اگهه 301 رپين جي سطح تي بند ٿيو.