قمبر: ڦر دوران مزاحمت تي نوجوان قتل

قمبر (ويب ڊيسڪ) قمبر ويجهو ڳوٺ ڪور متل وٽ وڳڻ روڊ تي ڦورن مزاحمت ڪرڻ تي نوجوان کي گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو.

موٽرسائيڪل سوار اڻڄاتل هٿياربند  نوجوان الطاف مغيري کي موٽرسائيڪل ڦر ڪرڻ دوران مزاحمت ڪرڻ تي گوليون هڻي موٽرسائيڪل ڪاهي فرار ٿي ويا.

علائقي واسين پاران نوجوان جي لاش کي اسپتال منتقل ڪيو ويو.

مقتول نوجوان جي ڀاءُ بدر مغيري جو چوڻ هو ته ڀاءُ 3 ڏينهن اڳ سعودي مان قمبر آيو هو جتان هو موٽرسائيڪل خريد ڪري ڳوٺ اچي رهيو ته ڦورن کيس قتل ڪري ڇڏيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.