سون هزارين رپيا مهانگو ٿي ويو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) عالمي مارڪيٽ ۾ سون جي في اونس جي اگهه ۾ 4 ڊالر۽ پاڪستان ۾ في تولو سون ج ي اگهه ۾ 2900 رپين جي غيرمعمولي واڌ ٿي آهي.

عالمي بلين مارڪيٽ ۾ في اونس سون جي اگهه ۾ 4 ڊالر جي واڌ ٿي جنهن بعد عالمي مارڪيٽ ۾ في اونس سون جو اگهه وڌي 1919 ڊالر جي سطح تي پهچي ويو آهي.

ٻئي پاسي پاڪستاني بازارن ۾ به جمعي تي في تولو ۽ 10 گرام سون جي اگهه ۾ ترتيب وار 2900 رپيا ۽ 2486 رپين جي واڌ ٿي آهي.

اگهن ۾ واڌ جي نتيجي ۾ ڪراچي، حيدرآباد، ملتان، لاهور، راولپنڊي، اسلام آباد، پشاور ۽ ڪوئيٽا جي سوناري بازارن ۾ في تولو سون جي اگهه ۾ واڌ سان 2 لک 35 هزار 500 رپيا ۽ 10 گرام سون جو اگهه وڌي 2 لک هڪ هزار 903 رپين جو ٿي ويو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.