وڏي خبر: سنڌ جي اهم شهر ۾ مفت واءِ فاءِ سروس شروع ٿي وئي!

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) سنڌ جي شهر روهڙي ۾ مفت واءِ فاءِ انٽرنيٽ سروس شروع ڪئي وئي آهي.

ڊسٽرڪٽ ڪائونسل سکر طرفان روهڙي جي شهرين لاءِ مفت انٽرنيٽ سروس جي شروعات ڪئي وئي آهي جنهن جو افتتاح چيئرمين ڪيو.

مفت واءِ فاءِ جي اسپيڊڊ 3 ايم بي رکي وئي آهي جنهن کي اڍائي کان 3 هزار واهپيدار هڪ ئي وقت استعمال ڪري سگهن ٿا.

ان موقعي تي سندس چوڻ هو ته ٽيسٽ ٽرانسمينشن جي ڪاميابي بعد هو سڄي روهڙي شهر ۾ سروس شروع ڪندا.

جيڪڏهن اوهان به مفت واءِ فاءِ سروس چاهيو ٿا ته پنهنجي تڪ جي چونڊيل نمائندي کان مطالبو ڪريو، خاص طور تي شاگرد اهو مطالبو ڪري سگهن ٿا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.