لاڙڪاڻي واسي ڊاڪٽر ڪراچي ۾ ڌيءَ کي نوجوان سان گڏ قتل ڪري ڇڏيو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سچل ٿاڻي جي حد گلشن اقبال بکر ڳوٺ ۾ ڊاڪٽر غيرت جي نالي تي ڌيءَ سميت 2 ڄڻن کي قتل ڪري ڇڏيو.
پوليس موجب 15 ورهين جي لاريب جي پيءُ ڊاڪٽر رفيق شيخ ۽ سندس ڀاءُ کي حراست ۾ ورتو ويو آهي. جوابدارن اعتراف ڪيو ته ڌيءُ ۽ نوجوان کي غيرت جي نالي تي قتل ڪيو ويو.
شروعاتي جاچ ۾ پتو پيو ته 22 ورهين جو حسن 15 ورهين جي لاريب سان ملڻ لاءِ ويگو ڪار ۾ سندس گهر آيو هو.
جوابدار رفيق شيخ ڏٺو ته ڌيءُ اتي موجود ناهي ته ٻاهر نڪتو ۽ ٻنهي کي ڪار ۾ ڳالهائيندي ڏسي ڪاوڙ ۾ اچي ويو، جنهن تي جوابدار فائرنگ ڪري ٻنهي کي سخت زخمي ڪري ڇڏيو، موقعي تي 9 ايم ايم پسٽل جا 7 خول مليا.
فائرنگ جو آواز ٻڌڻ تي علائقي واسين ايمبولينس ۽ پوليس کي اطلاع ڏنو،
پاڙيسرين موجب ٻئي شادي ڪرڻ چاهيندا هئا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.