مانجهند: حاجاڻو برادري جو پوليس پاران ڳورهاري کي کنڀي گم ڪرڻ خلاف ڌرڻو

مانجهند ۾ حاجاڻو برادري نوابشاهه پوليس هٿان کنڀي گم ڪيل ڳورهاري عورت جي بازيابي لاءِ احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو.
جسقم اڳواڻ نياز ڪالاڻي ۽ ايس پي اڳواڻ خدا بخش ٿيٻو جي اڳواڻي ۾ حاجاڻو برادري جي عورتن ٻارڙن پاران انڊس هاءِ وي تي ڌرڻو هنيو ويو جنهن سبب ٽريفڪ معطل ٿي وئي.
احتجاج ڪندڙن جو چوڻ هو ته نواب شاه پوليس بنا جواز مڙس ڏي قرض هجڻ جي الزام هيٺ 8 مهينن جي ڳورهاري عورت کي کنڀي وئي آهي.
هنن مطالبو ڪيو ته معاملي جو نوٽيس وٺي جلد کان جلد عورت کي بازياب ڪرايو وڃي ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.
عورت جي بازيابي تائين ڌرڻو جاري رهندو ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي جو موقف

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.