ڪراچي ۾ مختلف تنظيمن پاران راڻيپور واقعي، پريا ڪماري ۽جناح اسپتال مان ٻن سالن جي نينگري جي اغوا خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.
ڪراچي پريس ڪلب ٻاهران شوڪت علي نوناري، ذوالفقار ميرجت، اعجاز منگي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري معصوم نينگري فاطما ڦرڙو جي خون سان انصاف لاءِ نعرا هنيا ويا.
ان موقعي تي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته معصوم نينگري فاطممه ڦرڙو کي دفنائي پنجن ڏينهن تائين معاملي کي دٻائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي نياڻي جي بي رحماڻي قتل جي سخت لفظمن ۾ مذمت ڪريون ٿا، هاڻي ماڻهو باشعور ٿي چڪا اهن نيانين سان ٿيندڙ ظلم هاڻ بند ٿيڻ گھرجن.
احتجاج ڪندڙن جو چوڻ هو ته 2 مهينا اڳ جناح اسپتال مان نينگريءَ کي اغوا ڪيو ويو هو جنهن کي هيل تائين بازياب ناهي ڪرايو ويو جڏهن ته پريا ڪماري به بازياب ناهي ٿي.
احتجاج ڪندڙن مطالبو ڪيو ته فاطما ڦرڙو جي قاتلن کي سزا ڏئي مغوين ٻارڙن کي بازياب ڪرايو وڃي.
You might also like