ڪير صحيح هو ڪير غلط؟ شاداب جي آئوٽ تي سوشل ميڊيا تي بحث

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان، افغانستان خلاف سريلنڪا ۾ جاري ٽن ون ڊي ميچن جي سيريز جي ٻي ميچ ۾ سخت مقابلي به هڪ وڪيت تان ڪاميابي حاصل ڪري سيريز 2-0 تان پنهنجي نالي ڪري ورتي آهي.

ان مئچ ۾ سڀ ڪجهه ھيو، ھڪ بهترين سينچري، ففٽيون، ھڪٻئي پٺيان آئوٽ ٿيڻ جو سلسلو، رن آئوٽ ۽ آخري اوور جو ڊرامو.

آخري ٻن بالن تي پاڪستان کي ميچ کٽڻ لاءِ ٽي ۽ افغانستان کي هڪ وڪيٽ گهربل هئي پر ، گذريل سال ايشيا ڪپ جيان نسيم شاهه هڪ ڀيرو وري افغانستان لاءِ ڀوائتي خواب ثابت ٿيو ۽ 50 هين اوور جي پنجين بال تي  فضل حق فاروقيءَ کي چوڪو هڻي پاڪستان کي فتح ڏياري ڇڏي.

پر هتي پاڻ ٿورو بحث ڪنداسين ان رن آئوٽ جو جيڪو پاڪستان جي سوشل ميڊيا تي ڇائنجي ويو آھي.

بيٽر کي نان اسٽرائيڪر اينڊ تي رن آئوٽ ڪرڻ جي ھڪ ڊگهي تاريخ آھي، ڀارتي ٽيم جڏھن سال 48-1947 ۾ آسٽريليا جو دورو ڪيو ھو ان دوران ڀارتي بالر منڪڊ ٻه ڀيرا نان اسٽرائيڪر اينڊ تي موجود بل برائون کي رن آئوٽ ڪيو ھو.

ڪرڪيٽ جي تاريخ جي عظيم ترين بيٽر ۽ ان وقت آسٽريلوي ٽيم جي ڪپتان سر ڊان بريڊ مين پنهنجي ڪتاب ” فيئر ويل ٽو ڪرڪيٽ“۾ لکيو ھو ته ” جيڪڏھن بال ھلائڻ کان پهرين نان اسٽرائيڪر کي ڪريز ۾ رھڻو آھي ته پوءِ سندس رن آئوٽ غير منصفاڻو ڪيئن ٿيو“

سال 2022 ۾ ايم سي سي ( ڪرڪيٽ جي قانونن جي جوڙجڪ ڪندڙ ادارو) طرفان قانونن ۾ ڦيرڦار کا پوءِ بالر طرفان نان اسٽرائيڪر اينڊ تي بيٺل بيٽر کي بال ھلائڻ کان پهرين ڪريز ڇڏڻ تي رن آئوٽ ڪرڻ کي باظابطا طور رن آئوٽ قرار ڏنو ويو.

پر ان باوجود ڪجهه ماڻهن جي نظر ۾ ھي طريقيڪار غيرقانوني ۽ غير منصفاڻو آھي جنهن کي جئنٽلمين گيم سان مذاق پڻ قرار ڏنو وڃي ٿو جڏهن ته ڪجهه ماڻهو جو خيال آھي ته اھو طريقو اسپرٽ آف ڪرڪيٽ جي خلاف به آھي ۽ ان کان اڳ بيٽر کي وارننگ ڏيڻ گهرجي.

پر وري ڪجهه ماڻهن جو اھو به مڃڻ آھي ته جڏھن اھو طريقو قانون جي لحاظ کان درست آھي ته بالر کي ان جو استعمال ڪرڻ گهرجي.

سوشل ميڊيا واهپيدارن جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن بالر کي نوبال ڪرڻ سبب نه رڳو اِھو ساڳو ئي بال ٻيهر ھلائڻو پوندو آھي پر مخالف ٽيم کي ھڪ اضافي رنس سان گڏ فري ھٽ ( ان بال تي رن آئوٽ کانسواءِ بيٽر آئوٽ نٿو ٿي سگهي) به ملندي آھي ته پوءِ بيٽر کي به غير ضروري فائدو حاصل ڪرڻ تي سزا ملڻ گهرجي .

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.