اڳوڻو آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ گرفتار

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) اڳوڻي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ کي صدارتي چونڊن ۾ مداخلت واري ڪيس ۾ گرفتار ڪرڻ بعد ضمانت تي آزاد ڪيو ويو.

اڳوڻو آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ 2020ع جي چونڊن ۾ مداخلت واري ڪيس ۾ پيشي جي آخري تاريخ کان اڳ جمعي جي ڏينهن فلٽن ڪائونٽي جيل ۾ پيش ٿيو جتان کيس گرفتار ڪيو ويو.

آمريڪي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو ڪنهن اڳوڻي صدر جي قيدي واري روپ ۾ تصوير جاري ڪئي وئي آهي.

فلٽن ڪائونٽي پوليس ڊپارٽمينٽ موجب اڳوڻي صدر ٽرمپ جا آڱرين جا نشان ٻيهر ورتا ويا پر فلٽن ڪائونٽي جيل ۾ پيش ٿيڻ کانپوءِ ڊونلڊ ٽرمپ 2 لک ڊالرن جي ضمانت ڪرائڻ کانپوءِ پنهنجي قافلي سان گڏ موٽي ويو.

اڳوڻي صدر پيشي دوران دعويٰ ڪئي ته ٽرائل دراصل 2024ع جي صدارتي چونڊن ۾ سندس اميدوار کي روڪڻ جي ڪوشش آهي، وٽن اليڪشن کي چئلينج ڪرڻ جو مڪمل حق آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.