فاطمه ڦرڙو ڪيس جا جوابدار ڪراچي ۾، پوليس ڇاپا ڪٿي پئي هڻي؟

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) فاطمه ڦرڙو ڪيس ۾ نامزد عورت جوابدار حنا شاهه عرف سونيا شاهه جي عبوري ضمانت ختم ٿئي ٻه ڏينهن گذري چڪا آهن پر پوليس اڃا تائين کيس ۽ جوابدار فياض شاهه گرفتار ناهي ڪري سگهي.
پوليس جو چوڻ آهي ته جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ٻن هنڌن تي ڇاپا هنيا ويا آهن.
ذريعن جو چوڻ آهي ته حنا شاهه ۽ فياض شاهه ڪراچي ۾ موجود آهن جڏهن ته فاطمه ڦرڙو جي وارثن تي جوابدارن طرفان دٻاءُ وڌو پيو وڃي.
ٻئي پاسي ڪيس تي اثرانداز ٿيڻ، ڌمڪيون ڏيڻ ۽ پوليس خلاف پروپيگنڊا ڪرڻ جي الزام ۾ هڪ شخص کي گرفتار ڪيو ويو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.