سام سنگ جو زبردست فولڊ ايبل فون نون فيچرز سان پيش

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) اسمارٽ فون ٺاهيندر ڏکڻ ڪوريا جي ڪمپني سام سنگ نوان فولڊ ايبل فونز متعارف ڪرائي رهي آهي جڏهن ته تازو ڪمپني طرفان سام سنگ گيلڪسي زي فولڊ 5 متعارف ڪرايو ويو آهي.

ان کان اڳ ڪمپني گيلڪسي زي جي ٿرد جنريشن ۽ اپ گريڊ ٽيڪنالاجي رکندڙ 2 فولڊ ايبل فونز متعارف ڪرايا هئا.

سام سنگ طرفان نوان متعارف ڪرايلنون فون جي موبائل مووي ٿيٽر جهڙي وڏي اسڪرين ۾ گيمنگ ڊيوائيس کانسواءِ ڪيترائي انوکا فيچرز شامل ڪيا ويا آهن.

سام سنگ گيلڪسي زي فولڊ 5 جو هي فون طاقتور آهي جنهن ۾ اسڪرين 7.6 انچ جي آهي جيڪا ٽيبليٽ جيان کلڻ تي 7.6 انچ ٿئي ٿي.

هن فون سان پين نه هوندي، واهپيدارن کي پنهنجي لاءِ پين الڳ وٺڻي پوندي.

فولڊ ايبل فون کي سخت ايلومينيم فريم سان مضبوط ڪيو ويو آهي جڏهن ته طاقتور شيل آرمر ايلومينيم فون کي ڪنهن به نقصان کان بچائي ٿو.

فون ۾ فرنٽ ۽ بيڪ سميت 6 ڪيمرا آهن.

مکيا ڪيمرا 50 ميگا پڪسل جي آهي.

فون جي اسڪرين ۾ جديد ٽيڪنالاجي ۽ فيچرز جو استعمال ڪيو ويو آهي جنهن سان فون اسڪرين کي ڦرڻ ناهي ڏيندي.

هي فون گذريل ماڊل جي ڀيٽ ۾ 10 گرام هلڪو به آهي ۽ سنهڙو به آهي.

فون ۾ 12 جي بي ريم ۽ 512 جي بي ميموري ڏنل آهي ۽ هن جي بيٽري به وڏي آهي.

هن فون جو اگهه 5 لک 99 هزار 999 رپيا رکيو ويو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.