ڊينمارڪ جو قرآن پاڪ جي بيحرمتي ڪندڙن خلاف وڏو ايڪشن

ڪوپن هيگن (ويب ڊيسڪ) ڊينمارڪ جي انصاف واري وزارت قرآن پاڪ سوڌو آسماني ڪتابن جي بيحرمتي تي پابندي لڳائڻ لاءِ قانونسازي ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو.

ڊينمارڪ جي انصاف واري وزير پيٽر هملگارڊ پنهنجي هڪ بيان ۾ چيو ته اهم مذبي اهميت جي شين سان نامناسب سلوڪ تي پابندي جو بل پيش ڪنداسين، جنهن جو مقصد خاص طور تي عوامي هنڌن تي مذهبي شين جي بيحرمتي روڪڻ آهي.

سندن چوڻ هوته قرآن پاڪ جي بيحرمتي توهين جوڳو فعل ۽ ڊينمارڪ جي مفادن جي خلاف هو.

ڪجهه ماڻهن جي پرتشدد، رد عمل ڀڙڪائڻ جي ڪوشش کي هٿ تي هٿ رکي نه پيا ڏسي سگھون.

سندس چوڻ هو ته آسماني ڪتابن جي بيحرمتي تي پابندي جي ڀڃڪڙي ڪندڙن کي ڏنڊ ۽ ٻه سال قيد سزا کي منهن ڏيڻو پوندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.