خبردار! سنڌ ۾ ٻارن کي ٽڪا نه هڻائيندڙ والدين کي هي سزائون ملنديون

ڪراچي (ويب ڊيسڪ ) سنڌ ۾ ٻارن کي حفاظتي ٽڪا نه لڳرائڻ وارن والدين کي هاڻي هڪ مهيني تائين قيد ۽ پنجاهه هزار ڏنڊ جي سزا ڀوڳڻي پوندي.

گورنر سنڌ ڪامران ٽيسوري سنڌ اميونائزيشن اينڊ ايپيڊيمڪس ڪنٽرول بل 2023ع جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي.

بل جو مقصد صوبي ۾ اميونائزيشن، ويڪسينيشن، سائنسي ۽ سماجي ذريعن ۽ طريقن ذريعي وبائي مرضن جي روڪٿام کي ممڪن بڻائڻ آهي.

بل موجب، ٻارن جي ويڪسينيشن نه ڪرائڻ وارن والدين يا سرپرست کي علائقائي ڊپٽي ڪمشنر لاڳاپيل قانون تحت مهيني تائين قيد جي سزا يا پنجاهه هزار رُپين تائين جو ڏنڊ يا ٻئي سزائون ڏيڻ جو اختيار هوندو .

بل تحت اميونائزيشن ۽ ويڪسينيشن خلاف پروپيگنڊا تي به هڪ لک رُپيا ڏنڊ يا ڇهه مهينا قيد يا ٻئي سزائون گڏ ڏئي سگهجن ٿيون.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.