واٽس ايپ واهپيدارن جو وڏو مسئلو حل ڪري ڇڏيو، نئون فيچر متعارف

ڪيليفورنيا (ويب ڊيسڪ) واٽس ايپ بغير نالن جي گروپس ٺاهڻ جو فيچر متعارف ڪرائي پريشان واهپيدارن جي وڏي ڏکيائي حل ڪري ڇڏي.

واٽس ايپ ۾ گروپس اهميت رکندا آهن جتي مختلف سوچ جا ماڻهو هڪ ئي هنڌ ڳالهه ٻولهه يا ڄاڻ جي بغير ڪنهن ڏکيائي جي ڏي وٺ ڪندا آهن.

پر گروپ بڻائڻ وقت واهپيدارن کي فوري طور تي نالو تجويز ڪرڻ جو مسئلو پيش ايندو رهندو آهي ۽ ان کانسواءِ گروپ نٿو ٺاهي سگھجي.

واٽس ايپ ان مسئلي کي نظر ۾ رکندي بغير نالي جي گروپس ٺاهڻ جو فيچر متعارف ڪرائي ڇڏيو آهي. واهپيدار گروپ ٺاهڻ کان پوءِ جڏهن چاهين مناسب نالو رکي سگھن ٿا.

ڄاڻايل فيچر جو اعلان ميٽا جي سي اِي او مارڪ زڪربرگ طرفان فيسبڪ ۽ انسٽاگرام پوسٽ ذريعي ڪيو ويو.

رپورٽس موجب بغير نالي وارن گروپن جو نالو واٽس ايپ پاڻمرادو ان ۾ شامل ميمبرن جي بنياد تي رکي ڇڏيندو جنهن کي بعد ۾ سولائي سان تبديل ڪري سگهجي ٿو.

هونئن ته هڪ گروپ ۾ گھٽ ۾ گھٽ 1024 ميمبرن کي شامل ڪري سگھجي ٿو پر بغير نالن واري گروپس ۾ رڳو 6 ميمبرز کي ئي شامل ڪرڻ جو آپشن هوندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.