واٽس ايپ جي هڪ وائس تي 1900 سئو رپيا ڪمايو پر ڪيئن؟

لنڊن (ويب ڊيسڪ) ايلڪس ڊگلس نالي هڪ جِم ٽرينر انڪشاف ڪيو آهي ته هو پنهنجي فارغ وقت ۾ اجنبين کي واٽس ايپ تي رومانوي وائس نوٽ موڪلي في منٽ 5 پائونڊ (تقريبن پاڪستاني 199) رپيا ڪمائي رهيو آهي.

37 ورهين جي ايلڪس ڊگلس جو پيشو جِم ٽريننگ آهي ۽ لنڊن ۾ رهندو آهي، جيڪو پنهنجن ڪلائنٽس کي ننڍيون رڪارڊنگز موڪليندو آهي، جيڪي گھڻو ڪري اهڙن پيغام تي ٻڌل هونديون آهن جيڪي بيان ڪرڻ جوڳيون ناهن.

”نيڪڊ نيريٽر“ جي نالي سان مشهور آڊيو آرٽسٽ اهو به انڪشاف ڪيو ته کيس ان دوران ڪجهه غير معمولي درخواستون به برداشت ڪرڻيون پيون، جنهن ۾ هڪ ڀيرو ڪنهن ”اسٽرابيري، چنڊ ۽ شينهن“ تي ٻڌل هڪ ڇرڪائيندڙ ڪهاڻي گھري.

سندس چوڻ هو ته 2022ع جي آخر ۾ ڊيٽنگ ايپس تي ڪجهه عورتن ٻڌايو ته اهي سندس رڪارڊنگز کي پسند ڪن ٿيون.

ايلڪس چيو ته جڏهن (ڊيٽنگ ايپ) هينگ وائس نوٽ جو فيچر متعارف ڪرايو ته آئون عورتن کي وائس نوٽس موڪلڻ شروع ڪيا جيڪي يقين نه ڪرڻ جوڳي حد تائين نه رڳو مددگار پر دلچسپ به هئا.

هن ٻڌايو ته ”ڪنهن مذاق ۾ چيو هو ته آئون کيس نوڪري جي طور تي اپنائي سگھان ٿو، ۽ آئون هن کان پڇيو ته ڇا هو ان جي لاءِ هن کي ادائگي ڪندو، ۽ هن چيو ها، ان ڪري آئون پنهنجو ڪاروبار شروع ڪري ڇڏيو.

ايلڪس آڊيو جي پهرين منٽ لاءِ 10 پائونڊ، پوءِ اضافي منٽ لاءِ 5 پائونڊ وصول ڪندو آهي، ۽ پنهنجي سروس جي مشهوري انسٽاگرام ۽ ٽڪ ٽاڪ تي ڪندو آهي.

اهو ٻڌائيندي ته هو ڪم ڪيئن ڪندو آهي، ايلڪس چيو ته آئون ماڻهن کي پنهنجو واٽس ايپ نمبر ڏيندو آهيان ۽ عام طور تي انهن لاءِ موزون، ننڍو وائس نوٽ ڇڏي ڏيندو آهيان، جهڙوڪ هيلو آئون ايلڪس ڊگلس آهيان، نيڪڊ نيريٽر، رابطي لاءِ مهرباني.

هن ٻڌايو ته اوهان مون کي ٽي گھربل لفظ ڏئي سگھو ٿا، ڪو به لفظ جيڪو اوهان کي پسند آهي، ۽ پوءِ آئون انهن ٽن اهم لفظن تي ٻڌل هڪ وائس نوٽ ڏيندو آهيان.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.