ڪيپ ٽائون (ويب ڊيسڪ) ڏکڻ آفريڪي ڪرڪيٽ بورڊ ( ڪرڪيٽ سائوٿ آفريڪا ) عورت ڪرڪيٽرن کي مرد ڪرڪيٽرن جي برابر معاوضو ڏيڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.
ڏکڻ آفريڪي ڪرڪيٽ بورڊ طرفان اِهو فيصلو سامهون اچڻ کانپوءِ عورت ۽ مرد ڪرڪيٽرز عالمي ميچن جي هڪ جيتري فيس وصول ڪندا.
عورت ڪرڪيٽرن جو معاوضو عام طور تي مرد ڪرڪيٽرن کان گهٽ هوندو آهي، پر ڏکڻ آفريڪا، نيوزيلينڊ ۽ ڀارت کانپوءِ ٽيون مُلڪ آهي جنهن مرد ۽ عورت ڪرڪيٽرن کي برابر معاوضو ڏيڻ جي پهه ڪري ورتو آهي.
ڪرڪيٽ ڏکڻ آفريڪي بورڊ جي سي ايِ او فوليٽسي موسيڪي چيو آهي ته هڪ جيتري معاوضي جو اعلان اهم قدم آهي جنهن سبب مُلڪ ۾ وومين ڪرڪيٽ کي وڌيڪ هٿي ملندي ۽ عورت ڪرڪيٽرن لاءِ سولايون پيدا ٿينديون.