يوٽيوب وڊيوز ڏسي گھر ۾ پنهنجو ويم ڪندڙ عورت سان ڇا ٿيو؟

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) انڊيا جي رياست تامل ناڊو ۾ هڪ عورت گھر ۾ ٻار کي جنم ڏيڻ کان پوءِ گھڻو رت وهڻ سبب فوت ٿي وئي.
ضلعي ڪرشنا گري ۾ اهو واقعو يوٽيوب تي ڊليوري جون وڊيوز ڏسڻ کان پوءِ گھر تي ئي ويم جي ڪوشش ڪندڙ هڪ عورت سان پيش آيو.
ٻنهي زال مڙس اسپتال وڃڻ بدران گھر ۾ ويم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو هو.
پرڏيهي خابرو اداري موجب عورت جي شادي 2021ع ۾ ٿي هئي. ٻه ڏينهن اڳ يعني اڱاري جي ڏينهن عورت کي ليبر پين ٿيو ۽ هن گھر تي ويم ڪيو.
پر ان عمل دوران عورت جو گھڻو رت وهي ويو. ناڙو ٻاهر نه اچڻ تي عورت جو رت وهي رهيو هو. صورتحال کي نظر ۾ رکندي کيس اسپتال منتقل ڪيو ويو پر ڊاڪٽرن کيس مُئل قرار ڏئي ڇڏيو.
ان سلسلي ۾ ضلعي صحت کاتي ۽ پوليس کي اطلاع ڏنو ويو. اختيارين موجب ڪيس داخل ڪيو ويو آهي ۽ معاملي جي جاچ جاري آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.