اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ۾ آءِ ايم ايف جي نمائندي ايستر پيريز چيو آهي ته پاڪستان جي سڀني حڪومتي ادارن کي ناڻي واري وزارت تحت ڪم ڪرڻو پوندو.
ايستر پيريز پرڏيهي خابرو اداري سان گفتگو ڪندي چيو ته پاڪستان طئي ڪيو هو ته سمورا حڪومتي ادارا ناڻي واري وزارت جي ماتحت ڪم ڪندا، سڌارن وقت حڪومت اهو شرط مڃيو هو.
هن چيو ته پرڏيهي سيڙپڪاري آڻڻ لاءِ اڳ کان طئي سڌارن تي عمل ڪرڻو پوندو، ٻين گورننس ۽ نجي شعبي جي سڌارن تي به عمل ڪرڻ ضروري آهي.
سندس موجب اهو چوڻ ڏکيو آهي ته 2024 تائين موجوده اسٽينڊ باءِ ارينجمينٽ تي عمل ٿيندو يا نه؟
You might also like