ڏهرڪي: ايس ٽي پي پاران شهيد جان محمد مهر جي ياد ۾ تعزيتي ميڙاڪو

ڏهرڪي جي الفتاح ٽائون ۾ سنڌ ترقي پسند پارٽي پاران شهيد صحافي جان محمد مهر جي ياد ۾ تعزيتي ميڙاڪو ڪوٺايو ويو.
ايس ٽي پي جي وائس چيئرمين ڄام فتاح سميجو جي صدارت هيٺ ڪوٺايل تعزيتي ميڙاڪي ۾ ضلعي گھوٽڪي جي مختلف سياسي سماجي اڳواڻ، وڪيل برادري، صحافين، پورھيتن، اديبن، استادن ۽ شھرين وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي.
تعزيتي ميڙاڪي کي خطاب ڪندي ايڊووڪيٽ ڄام فتاح سميجو، صحافي ﷲ ورايو بوزدار، لطيف لغاري۽ ٻين جو چوڻ هو ته شھيد جان محمد مھر اتر سنڌ ۾ حق ۽ سچ جو علمبردار ھو جنھن سدائين حقيقي صحافي جو ثبوت ڏيندي ھر مامري جي بنا خوف جي رپورٽنگ ڪئي. شھيد جان محمد مھر مظلومن جو آواز بڻيل ھو.
هنن چيو ته شھيد جان محمد مھر ڪيترن ئي ماڻھن جي اک ۾ ڪنڊو ھو جنھن کي ھڪ وڏي سازش ھيٺ قتل ڪري اثرائتو آواز هميشا لاءِ دٻايو ويو، هو بي شڪ جسماني طور اڄ اسان جي وچ ۾ ناھي پر ھو اڄ به اسان، سنڌ واسين ۽ صحافين جي دلين تي راڄ ڪري ٿو.شهيد جي قاتلن کي ڪيفر ڪردار تائين پهچائڻ لاءِ سڀ هڪ پليٽ فارم تي گڏ ٿي احتجاج ڪنداسين.
تعزيتي ميڙاڪي ۾ شھيد جان محمد مھر جي روح کي ايثال ثواب پھچائڻ لاءِ دعا پڻ گھري وئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.