اوٻاوڙي ڀرسان جرڳي ۾ ٻارڙي سڱ چٽي طور تي ڏيڻ واري معاملي جو سنڌ جي نگران گھرو وزير محمد حارث نوٽيس ورتو جنهن بعد پوليس ڪارروائي ڪري ٻن جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو آهي.
لڪ پور جي رهواسي غلام رسول ڀٽو ست سان اڳ مسمات زرينه ڀٽو سان ڪورٽ ۾ پسند جو پرڻو ڪيو هو ڳوٺ موٽي اچڻ تي مسمات زرينا ڀٽو جي پيءُ بااثرن جو ڪٺ گھرائي غلام رسول ڀٽو مٿان 10 لک ڏنڊ ۽ سندس 12 ورهين جي آسيا جو سڱ چٽي طور ڏيڻ جي فتويٰ جاري ڪئي وئي هئي.
اهڙي خبر سوشل ميڊيا تي هلڻ بعد سنڌ جي نگران گھرو وزير برگيڊيئر ر محمد حارث معاملي جو نوٽيس ورتو جنهن بعد سرڪاري جي فرياد تي اوٻاوڙو ٿاڻي تي 19 جوابدارن مٿان ڪيس داخل ڪري ٻن جوابدارن نصير ڀٽو ۽ مدد علي ڀٽو کي گرفتار ڪري لاڪپ ڪري ڇڏيو.
گهوٽڪي پوليس جو چوڻ هو ته ٻن جوابدارن کي گرفتار ڪيو آهي ٻين جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڇاپا هنيا پيا وڃن کين جلد گرفتار ڪيو ويندو.
اوٻاوڙ: ٻارڙي سڱ چٽي جي فتويٰ، گھرو وزير جو نوٽيس، ڪيس داخل، ٻه جوابدار گرفتار
You might also like