جهرڪ ڀرسان قومي شاهراهه تي مسافر وين ۽ ٽرڪ ۾ ٽڪر ٿيڻ سبب 7 ڄڻا فوت ۽ 11 ڄڻا زخمي ٿي پيا.
بسم الله چوڪ وٽ قومي شاهراهه تي حيدرآباد کان ٺٽي ايندڙ مسافر وين سامهون ايندڙ ٽرڪ سان ٽڪرائجي وئي جنهن جي نتيجي ۾ 7 ڄڻا فوت ۽ 11 ڄڻا زخمي ٿي پيا آهن.
اطلاع تي ريسڪيو ٽيمن واقعي واري هنڌ پهچي لاشن ۽ زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو.
فوتين ۾ نادر بروھي، غلام حسين ميمڻ، مختيار علي، محمد عليز ٻيا شامل آهن جڏهن ته زخمين ۾ نورجهان، راحيلا ڀٽو، غلا مصطفيٰ جوڻيجو ۽ ٻيا شامل آهن.
سنڌ جي نگران وڏي وزير جسٽس ر مقبول باقر واقعي تي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪندي زخمين کي بهترين علاج جون سهولتون ڏيڻ جي هدايت ڪئي آهي.
You might also like