ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪا ڳالهه، ڪم، شخص کي وسارڻ اسان جي دماغ جي سڀ کان پريشان ڪندڙ حرڪتن مان هڪ آهي، يادداشت جي ڪمزوري کي ڊگهي وقت کان هڪ بيماري جي طور تي ڏٺو ويندو آهي، پر تازي تحقيق مان خبر پئي آهي ته وسارڻ ايڏو خراب ناهي جيترو اڄ تائين ان کي پيش ڪيو ويو آهي.
تحقيق موجب دماغ ڪنهن شئي جي ياد ڄاڻي واڻي به وساري سگهي ٿو.
اڳ ڪيل تحقيق جي نتيجن موجب محققن جو چوڻ آهي ته ويسر اصل۾ سکڻ جو بهترين طريقو آهي.
جيڪڏهن اوهان ڪڏهن ڪا شئي وساريو ٿا ته ٻئي ڀيري اوهان کي اها ياد رهندي.
يعنيٰ اوهان جو دماغ بنيادي طور تيهاڻي اها ڄاڻ محفوظ ناهي ڪندو جيڪا اڳ ڪئي وئي هئي.
ٻڌڻ ۾ عجيب لڳي ٿو ته هي اوهان جي دماغ جي ڪهڙي هصي جي ڪا خرابي ان فعاليت ۾ گهٽتائي آڻي ٿي.
پر ضروري به ناهي ته ائين ئي ٿئي.
اصل ۾ جڏهن دماغ ڪجهه سکندو آهي ۽ ڄاڻ کي جذب ڪندو آهي ته دماغ جا نيوران ۽ انهن جي پاڻ ۾ ملندڙ پوائنٽس ۾ تبديليون اينديون آهن.
ان عمل کي کيٻيهر اينگرام سيلز ذريعي سهولت فراهم ڪئي ويندي آهي جيڪا ميموري کي ذخيرو ڪرڻ، ان کي مضبوط ڪرڻ ۽ ان کي وسارڻ ۾ مدد ڏيندا آهن.
جيتوڻيڪ ڪجهه وسڻ تي انيگرام سيلز جو ڇا ٿيندو آهي، اهو واضح ناهي ٿيو، پر يادداشت تي غور ڪندي ڪڏهن ڪڏهن وسريل ڳالهه واپس اياد اچي سگهي ٿي جنهن جو مطلب اهو آهي ته سيلز امڪاني طور تي ختم ناهن ٿيندا.
اهو چاڻن لاءِ ته انهن سيلز سان ڇا ٿيندو آهي؟ آئرلينڊ جي محققن ڪوئن ۾ اينگرام سيلز جو پتو لڳايو ته جيئن اهو ڏسي سگهجي ته جڏهن اهي وسارين ٿا ته ڇا ٿئي ٿو.
ان بعد روشني سان انهن سيلز کي سرگرم ڪيو ويو جنهن مان ظاهري طور تي سيلز ۽ وسريل يادون ٻيهر فعال ٿي ويون.
ان دريافت جا ڪيترائي پاسا آهن پر جيڪا شئي سڀنا مان نمايان آهي اها هي آهي ته ڪنهن شئي کي قدرتي طور تي وسارڻ اڪثر ابتڙ عمل هوندو آهي.
جڏهن اوهان ڄاڻ کي وساريو ٿا ته اها ڄاڻ اصل ۾ غائب ناهي ٿيندي رڳو لڪي ويندي آهي.
ان پٺيان نظريو اهو آهي ته دماغ ۾ موجود شين کي وسارڻ سان دماغ لاءِ هڪ جهڙائي ممڪن آهي.
هي انهن يادن تي ڀروسو ڪرڻ بدران وڌيڪ لچڪ ۽ بهتر فيصلي سازي جو سبب بڻجي سگهي ٿو جيڪو حالتن موجب نه آهي.
پر اها حقيقت آهي ته انهن يادن کي واپس آڻي سگهجي ٿو، مستقبل لاءِ اهو وڏي اهميت رکي ٿي.
اها ڳالهه غور هيٺ آهي ته الزائمر جهڙيون ڪيتريون ئي حالتون ڪمزور يادداشت جون خاصيتون رکن ٿيون.
ڇو ته اهي يادون ڪڏهن ڪڏهن خوشگوار دورن ۾ واپس اچي سگهن ٿيون، ان جو مطلب اهو اهي ته اينگرام سيل اڃا به موجود آهن.
ان جو اهو مطلب به ٿي سگهي ٿو ته نظرياتي طور تي ان جي علاج ۾ مدد جو ڪو طريقيڪار ٿي سگهي ٿو.