گوڏن جو سور ختم ڪرڻ جا پنج گھريلو ٽوٽڪا

گوڏن جو سور عام پر تڪليف ڏيندڙ بيماري آهي جيڪو گھڻو ڪري وڏي عمر جي ماڻهن کي پنهنجي وڪڙ ۾ وٺي ڇڏيندو آهي پر 5 گھڻا سولا گھريلو ٽوٽڪا ان مرض جي خلاف اثرائتا آهن.

گوڏن جو سور اڄ ڪالهه عام بيماري بڻجي چڪو آهي ڪجهه ڏهاڪا اڳ تائين اهو رڳو وڏي عمر جي ماڻهن جو مرض سمجهيو ويندو هو پر خوراڪ ۽ طرز زندگي ۾ بي احتياطي سبب هاڻ نوجوانن ۽ ننڍي عمر جا ماڻهو به ان بيماري جو شڪار ٿي رهيا آهن جڏهن ته مردن کان وڌيڪ عورتون ان مرض جو شڪار ٿينديون آهن.

ماهرن موجب اڄ ڳالهه خوراڪ ۾ ڪئلشم ۽ ٻين غذائي جُزن جي کوٽ سبب ننڍي عمر ۾ به هڏ ۽ جوڙ ڪمزور ٿيڻ لڳن ٿا جيڪي گوڏن جي سور جو سبب بڻبا آهن جنهن تي توجه نه ڏني ويندي آهي ته اهو گھڻو تڪيلف ڏيندڙ بڻجي ويندوآهي ۽ متاثر ماڻهن لاءِ گھمڻ ڦرڻ به ڏکيو بڻجي ويندو آهي.

پر ڪجهه اهڙا گھريلو ٽوٽڪا آهن جن جي ذريعي گوڏن جي سور کان گھڻي حد تائين آرام اچي ويندو آهي. جيڪڏهن سور ٿورو هجي ته مرض جو خاتمو به ٿي سگھي ٿو.

انهن گھريلو ٽوٽڪن ۾ سڀ کان مشهور ۽ اثرائتو طريقو ٽاڪور آهي جيڪو صدين کان هلندو پيو اچي. سور واري جاءِ تي ڪنهن ٿڌي شيءِ سان ٽاڪور ڪرڻ سان رت جي رواني گھٽجي ويندي آهي جنهن سان سوڄ ۽ سور جي شدت گھٽجي ويندي آهي.

ٽاڪور جوطريقو

برف جو هڪ ڪيوب کڻي ان کي هڪ سنهڙي ڪپڙي ۾ ويڙهي سور واري هنڌ تي 10 کان 20 منٽن تائين ٽاڪور ڪريو. ان عمل کي ڏينهن ۾ ٻه کان ٽي ڀيرا ورجايو.

ليمو

هڪ يا ٻن ليمن کي ننڍن ننڍن ٽڪرن ۾ ڪاٽيو ۽پوءِ انهن کي ململ جي ڪپري ۾ ٻڌي ڇڏيو. پوءِ ان کي تِرن جي گرم تيل ۾ ٿوري دير ڀڄائي رکيو ۽ ان کان پوءِ گوڏن تي رکي 10 کان 15 منٽن تائين ڇڏي ڏيو.

ان کانسواءِ روز صبح جي نيراني گرم پاڻي ليمي جي رس پيئڻ گوڏن جي سور ۾ آرام پهچائيندي.

هيڊ

هڪ ننڍو چمچو پيٺل ادرڪ ۽ هڪ ننڍو چمچو هيڊ هڪ ڪوپ پاڻي ۾ وجهي 10 منٽن تائين اُٻاريو. ان کي ڇاڻي ٿوري ماکي شامل ڪريو. ان پاڻياٺ کي ڏينهن ۾ ٻه ڀيرا استعمال ڪريو.

گوڏن جو سور ختم ڪرڻ لاءِ هڪ ننڍو چمچو هيڊ ۽ ٿوري ماکي گرم کير ۾ وجهي به پئي سگھجي ٿو.

ادرڪ

ادرڪ جو ننڍ ٽڪرو انهيءَ پاڻي جي هڪ ڪوپ ۾ 10 منٽن لاءِ اُٻاريو پوءِ ان کي ڇاڻي ان ۾ ٿوري ماکي ۽ ليمي جا ڪجه ڦڙا گڏائي پي ڇڏيو. ان چانهه کي ڏينهن ۾ ٻه کان ٽي ڀيرا پيئڻ گوڏن جي سور ۾ گھڻو فائدو پهچائيندو.

ان کانسواءِ ادرڪ جي تيل سان گوڏن جي مالش به سور ختم ڪرڻ ۾ مددگار ٿي سگھي ٿي.

سُرڪو

ٻه ڪوپ پاڻي ۾ ٻه ننڍا چمچا سُرڪو شامل ڪريو. پوءِ ان پاڻياٺ کي ڏينهن ۾ ٿورو ٿورو ڪري پيئو. اهو جادوئي تاثير وارو شربت روز استعمال ڪرڻ سان گوڏن مان سور گھٽجي ويندو.

ان کانسواءِ گرم پاڻي جي ٽب ۾ هڪ کان ٻه ڪوپ سُرڪو شامل ڪري ان ۾ 30 منٽن تائين گوڏا ڀڄائڻ سان به فائدو ٿيندو آهي.

زيتون جي تيل کي سُرڪي سان گڏ هم وزن گڏائي ان سان گوڏن تي مساج ڪرڻ به فائديمند آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.