روز جي بنياد تي استعمال ڪئي ويندڙ شين ۾ ٻار ڄڻڻ جي صلاحيت ختم ڪندڙ ڪيميڪلز جي موجودگي جو انڪشاف

ماهرن انڪشاف ڪيو آهي ته روز جي بنياد تي استعمال ڪئي ويندڙ ڪجهه شين ۾ اهڙا ڪيميڪلز هوندا آهن، جيڪي انسانن ۾ ٻار ڄڻڻ جي صلاحيت کي ختم ڪري سگهن ٿا.
پرڏيهي خابرو اداري جي هڪ رپورٽ موجب آمريڪا ۾ اهڙيون ڪيتريون ئي شيون گهر گهر استعمال ڪيون وينديون آهن، جن ۾ ٻار ڄڻڻ جي صلاحيت ختم ڪندڙ ڪيميڪلز موجود هوندا آهن.
جيڪي ڪيميڪلز ٻار ڄڻڻ جي صلاحيت ختم ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندا آهن، انهن ۾ فٿيليٽس، بي پي اي يا بسفينول ۽ فليم ريٽارڊنٽس شامل آهن، جن کي اِي ڊي سي (اينڊوڪرائن ڊزرپٽنگ ڪيميڪلز) چيو ويندو آهي.
فيئر فيڪس (ورجينيا) جي فارج ميسن يونيورسٽي ڪاليج آف پبلڪ هيلٿ ۾ گلوبل ۽ ڪميونٽي هيلٿ جي پروفيسر ڊاڪٽر مائيڪل بلوم موجب انهن ڪيميڪلز جي استعمال سان ٻار ڄڻڻ جي صلاحيت ۽ بلوغت متاثر ٿيندي آهي.
اڃا به ڪيترائي سوال آهن، جن جو جواب اي ڊي سيز بابت تحقيق ڪندڙ ڳولڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن.
ماهر ماڻهن کي مشورو ڏئي رهيا آهن ته اهي اهڙي ڪا به شئي استعمال نه ڪن، جن بابت اها ڳالهه ثبوت تائين پهچي چڪي آهي ته انهن جي ترڪيب ۾ ٻار ڄڻڻ جي صلاحيت متاثر ڪندڙ ڪيميڪلز شامل آهن.
اي ڊي سيز جو اثر هارمونز جي توازن تي پوندو آهي، هارمونز جو واسطو ٻار ڄڻڻ جي صلاحيت، بلوغت سان آهي، اي ڊي سيز کي نظرانداز ڪرڻ انسان ۾ ٻار ڄڻڻ جي صلاحيت ختم ڪري سگهي ٿو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.