ڪڪڙ جو گوشت پچائڻ کان اڳ هيءَ غلطي نه ڪجو!

ڪڪڙ جو گوشت سڄي دنيا ۾ سڀ کان وڌيڪ استعمال ٿيندو آهي.
پر سڄي دنيا جي طبي ادارن يا فوڊ ريگوليٽرز طرفان مشورو ڏنو ويندو آهي ته ڪڪڙ جي ڪچي گوشت کي پچائڻ کان اڳ ڌوئڻ کان پاسو ڪرڻ گھرجي.
ان جو سبب اهو آهي جو گوشت کي ڌوئڻ سان خطرناڪ بيڪٽيريا بورچي خاني جي هر جاءِ تي پکڙجي سگھن ٿا.
ته گھڻو ڌوئڻ بدران ڪڪڙ جي گوشت کي سڌي ريت تيز باهه تي پچائڻ وڌيڪ بهتر هوندو آهي.
پر اها به حقيقت آهي ته گھڻا ماڻهو ڪڪڙ جي گوشت کي پچائڻ کان اڳ ڌوئڻ پسند ڪندا آهن.
ته پوءِ ماڻهو ائين ڇو ڪندا آهن ۽ ان گوشت کي ڌوئڻ سان ڪهڙا خطرا پيدا ٿي سگھن ٿا؟
ڪڪڙ جو گوشت ۽ جراثيم
گدلاڻ ۽ درست گرمي پد ۾ کاڌو نه پڇائڻ کي خوراڪ مان پکڙجندڙ بيمارين جو اهم سبب قرار ڏنو ويندو آهي.
اها ڳالهه ڪڪڙ جي گوشت لاءِ گھڻي اهم آهي ڇو جو ان تي Campylobacter ۽ Salmonella جهڙا خطرناڪ بيڪٽيريا موجود هوندا آهن.
Campylobacter بيڪٽيريا سبب ڪالرا (ننڍي آنڊي جي بيماري) جو خطرو وڌي ويندو آهي جڏهن ته Salmonella سان آنڊن جي مرضن، ڪالرا، بخار ۽ پيٽ جي سور جهڙا مسئلا ٿي سگھن ٿا.
ماڻهو ڪڪڙ جي گوشت کي ڇو ڌوئيندا آهن؟
هڪ تحقيق ۾ ٻڌايو ويو ته گھڻا ماڻهو چڪن جي ڪچي گوشت کي پچائڻ کان اڳ ڌوئڻ ڇو پسند ڪندا آهن.
ڪجهه ماڻهو سوچيندا آهن ته گوشت کي پچائڻ کان اڳ ڌوئڻ ضروري هوندو آهي ته جيئن ان تي موجود گند صاف ٿي سگھي.
اهڙيءَ طرح ٻين جو خيال آهي ته سُرڪي يا ليمي جي پاڻيءَ سان گوشت جي صفائي بيڪٽيريا کي ختم ڪري ڇڏي آهي.
پر تحقيقي رپورٽن ۾ دريافت ڪيو ويو ته پاڻي يا سُرڪي سان ڪڪڙ جي گوشت کي ڌوئڻ سان بيڪٽريا ختم ناهن ٿيندا پر ٻين شين تائين انهن جي پکڙجڻ جو خطرو وڌي ويندو آهي.
ماهرن موجب گوشت کي ڌوئڻ کان اڳ پاڻي جي ذرڙن ذريعي بيڪٽيريا هر جاءِ تي پکڙجي ويندا آهن.
هڪ تحقيق ۾ دريافت ڪيو ويو ته نلڪي جي پاڻي سان گوشت کي ڌوئڻ سان بيڪٽيريا جي پکڙجڻ جوخطرو وڌيڪ هوندو آهي.
ان جي نتيجي ۾ مختلف مرضن جو خطرو وڌي ويندو آهي.
تنهنڪري جيڪڏهن ڪو گوشت ڌوئڻ چاهي ته ان کي ڇا ڪرڻ گھرجي؟
هونئن ته ماهرن طرفان ڪڪڙ جي گوشت کي ڌوئڻ جو مشورو ناهي ڏنو ويندو، پر ڪجهه ماڻهن جي اها عادت هوندي آهي.
تنهنڪري اهڙا ماڻهو نلڪِي جي پاڻي بدران پاڻي سان ڀريل بالٽي يا سنڪ ۾ گوشت کي ڌوئڻ جي ڪوشش ڪن.
ان کان پوءِ ڪاغذ سان چوڌاري صفائي ڪري ڇڏين، جنهن سان گدلاڻ يا بيڪٽيريا جي پکڙجڻ جو خطرو گھٽجي ويندو.
گوشت ڌوئڻ کان پوءِ پنهنجن هٿن کي به صابڻ سان سٺي نموني ڌوئڻ عادت بڻايو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.